هرات – 23 فيبروري (اي پي پي) وزيراع??م شاهد خاقان عباسي چيو آ??ي ته تاپي گئس منصوبي سان خطي جي ڪروڙين عوام جي اقتصادي ۽ سماجي حالت کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي، خطي ۾ امن جي فروغ ۾ به ان جو هڪ ڪردار هوندو، تاپي پا??يپ لائين منصوبو ۽ ان سان ڳنڍيل ٻين منصوبن جي ڪري ميمبر ملڪن جي وچ ۾ تاريخي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا، پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام کان و??يڪ ڪير به افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جو خواهشمند نه ٿو ٿي سگهي، پاڪستان خطي ۾ امن ۽ ترقي جو علمبردار آهي. اولهندي افغانستان جي تاريخي شهر هرات ۾ پاڪستان، ترڪمانستان، افغانستان، ڀارت گئس پا??يپ لائين منصوبي (تاپي) تحت بجلي، آپٽڪ فائبر ۽ ٻين منصوبن جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراع??م شاهد خاقان عباسي چيو ته اڄ جي تقريب ۾ شرڪت سندس لاءِ اعزاز ڳالهه آهي.
مضمون کا ماخذ : ہاٹ اسپن