ريا?? – 23 آڪٽوبر (اي پي پي) سعودي عرب پاڪس??ان کي ادائيگين جي توازن جي لاءِ هڪ سال جي لاءِ 3 ارب ڊالر ۽ تيل جي درآمد جي لاءِ 3 ارب ڊالر تائين هڪ سال تائين ادائيگي جي سهولت فراهم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اهو فيصلو وزيراعظم عمران خان جي سعودي عرب جي دوري دوران سعودي قيادت سان ڪامياب ڳالهين دوران ٿيو. وزيراعظم آفي?? پاران جاري ٿيندڙ بيان موجب سعودي عرب پاڪس??ان ۾ آئل ريفائنري منصوبي ۾ پڻ دلچسپي جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد ب?? سلمان پاڪستاني ڪارڪنن جي لاءِ ويزا فيس ۾ گهٽتائي جي لاءِ وزيراعظم جي تجويز سان اتفاق ڪيو جيڪو سعودي عرب ۾ پاڪس??ان جي افرادي قوت وڌائڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي ماڻهن جي سفر ۾ سهولت ڏيڻ طرف نمايان قدم آهي.
مضمون کا ماخذ : بونانزا