اسلام آباد – 16 فيبروري (اي پي پي) سعودي عرب جو ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان وزيراعظم عمران خان جي دعوت تي اڄ آچر ڏينهن پاڪستان جو ٻن ڏينهن جو سرڪا??ي دورو ڪندو، اپريل 2017ع ۾ ولي عهد جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ شهزاده محمد بن سلمان جو پاڪستان جو رياستي سطح جو هي پهريون دورو هوندو، ساڻس گڏ سعودي شاهي خاندان جي ميمبرن، اهم وزيرن ۽ ناليوارين ڪاروباري شخصيتن سميت اعليٰ اختياراتي وفد پڻ هوندو. پرڏيهي آفيس پاران جار?? بيان موجب شهزاده محمد بن سلمان جيڪو وزيرن جي ڪائونسل جو نائب صدر ۽ دفاع واري وزير سميت سلطنت جي ڪيترن ئي اهم عهدن تي فائز آهي 17 ۽ 18 فيبروري تي پنهنجي دو??ي دوران صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ملا??ات ڪندو.
مضمون کا ماخذ : جنگل وائلڈ