اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ۽ سعودي ولي عهد شهزاده مح??د بن سلمان جي موجودگي ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون ۽ سيڙپڪاري جي 20 ارب ڊالر ماليت جي 7 معاهدن ?? مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪيون ويون، صحيحن واري تقريب وزيراعظم هائوس ۾ ٿي. پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ اسٽينڊرڊائيزيشن جي شعبي ۾ تعاون جي معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون. سعودي عرب جي واپار واري وزير ڊاڪٽر ماجد القاسمي ۽ پرڏيهي وزير شاهه مح??ود قريشي معاهدي تي صحيحون ڪيون. راندين جي شعبي ۾ تعاون جي معاهدي تي سعودي عرب جي پرڏيهي وزير عادل الجبير ۽ بين الصوبائي رابطن، نوجوان ۽ راندين جي معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر فهمي??ه مرزا صحيحون ڪيون.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا حساب