بيجنگ – 18 جولاءِ (اي پي پي) چين آمريڪا طرفان تائيوان کي هٿيارن جي و??ري خلاف احتجاج ڪندي آمريڪا سان ايٽمي هٿيارن جي پکيڙ بابت ڳالهيون روڪي ڇڏيون. خابر?? اداري رائٽرز مطابق چين جي ??رڏ??هي وزارت جي ترجمان گذريل ڏينهن بيجنگ ۾ معمول جي نيوز بريفنگ دوران چيو آهي ته تازن م??ين?? ۾ تائيوان کي بار بار آمريڪي هٿيارن جي و??ري هٿيارن تي ضابطو آڻڻ بابت مشاورت جاري رکڻ لاءِ سياسي ماحول کي شديد متاثر ڪيو آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ چين آمريڪا سان هٿيارن جي ڪنٽرول ۽ عدم پکيڙ بابت مشاورت جي هڪ نئي دور تي ڳالهه ٻولهه کي روڪڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان جي ذميواري پوري طرح آمريڪا تي لاڳو ٿئي ٿي. هن چيو ته چين بين الاقوامي هٿيارن جي ڪنٽرول بابت ڳالهه ٻولهه کي برقرار رکڻ لاءِ تيار آهي پر آمريڪا کي چين جي بنيادي مفادن جو احترام ڪر?? گهرجي ۽ ڳالهه ٻولهه ۽ مٽا سٽا لاءِ مناسب حالتون پيدا ڪر?? گهرجن.
تائيوان کي هٿيارن جي وڪري جو معاملو، چين آمريڪا سان ايٽمي ڳالهيون روڪي ڇڏيون
مضمون کا ماخذ : quina acumulada