اسلام آباد – 15 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان ترڪمانستان جي وزارتي ڪابينا جي نائب چيئرمين ۽ پرڏيهي معاملن واري وزير راشد مريدوف خيرسگالي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار کي وڌائڻ جي لاءِ رستن ۽ ريل رابطن سميت رابطاڪاري ??ي منصوبن تي ڪم تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. هن وزيراعظم کي ترڪمانستان جي صدر پاران نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو ۽ ترڪمانستان – افغانستان – پاڪستان – انڊيا (تاپي) گئس پائيپ لائين پراجيڪٽ سميت توانائي جي ٻ??ن منصوبن تي اڳڀرائي بابت بريفنگ ڏني. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ترڪمانستان سان توانائي جي منصوبن کي جلد مڪمل ڪرڻ ۾ پاڪستان پاران دلچسپي جي اظهار کي ورجايو ۽ تاپي منصوبي تي ٿيندڙ اڳڀرائي کي سا??اه??و.
مضمون کا ماخذ : ڈاگ ہاؤس