فيصل آباد – 18 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ايڪسپورٽرز، ٽيڪسٽائيل مينوفيڪچرز ۽ بزنس ڪميونٽي جي اهم اڳواڻن مقامي هوٽل ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران صنعتي ۽ ڪاروباري ??رداري ??ي نمائندن چيو ته حڪومتي قدمن جي ڪري ويليوايڊڊ ايڪسپورٽ وڌي رهي آهي، جڏهن ته توانائي پيڪيج، وقت سر ريفنڊز ۽ ٻين سهولتن جي ڪري ??رآمد ڪندڙن ۽ ڪاروباري ??رادري ??ا گهڻا مسئلا حل ٿيا آهن، ايڪسپورٽرز وزيراعظم کي ٻڌايو ته ڪورونا وائرس جي وبا دوران به حڪومتي جامع قدمن سان نه رڳو ماڻهن جي روزگار کي تحفظ مليو پر انهن قدمن سان روزگار جا نوان موقعا به پيدا ٿيا، هن حڪومتي قدمن کي ساراهيندي يقين ڏياريو ته هو روانگي واپار کي 13 ارب ڊالر کان وڌائي ڪري ??يندڙ سال 21 ارب ڊالر تائين وٺي ويندا، هنن روانگي واپار ۽ ڪاروبار ۾ بهتري لاءِ مختلف تجويزون به ڏنيون.
وزيراعظم سان ايڪسپورٽرز، ٽيڪسٽائيل مينوفيڪچرز ۽ واپاري برادري جي اهم اڳواڻن جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : raspadinha acumulada