اسلام آباد – 22 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان جاپان سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏ?? ٿو، ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفاد لاءِ واپاري ۽ معاشي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏي?? جي ضرورت آهي، جاپان پاڪستان ۾ ڪاروباري موقعن مان فائدو حاصل ڪري سگه?? ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ جاپا??ي سفير ڪوني اوري ماتسودا سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. صدر جاپان جي بادشاهه ناروهين تو جي سالگرهه تي جاپا??ي سفير کي مبارڪباد جو پيغام ڏنو. هن چيو ته پاڪستان ۽ جاپان جي وچ ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان مختلف شعبن ۾ خوشگوار لاڳاپا آهن، پاڪستان انهن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏي?? جو خواهشمند آهي. هن چيو ته پاڪستان جي ترقي جي عمل ۾ خدمتن جي ڪري هتي جاپان بابت خيرسگالي جو جذبو موجود آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفاد جي لاءِ واپاري ۽ معاشي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏي?? جي ضرورت آهي، جاپان پاڪستاني معيشت خاص طور تي زراعت، آٽو موبائيل، ٽيڪنالاجي ۽ ٽيڪسٽائيل جي شعبن ۾ دستياب ڪاروباري موقعن مان فائدو کڻي سگه?? ٿو. هن چيو ته پاڪستان جاپان حڪومت جي قرضن جي ادائيگين کي ملتوي ڪرڻ جي فيصلي ۽ ڪوويڊ 19 کي منهن ڏي?? جي لاءِ تعاون کي ساراه?? ٿو.
پاڪستان جاپان سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو: صدر
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے اعدادوشمار