ڪولمبو – 24 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ ٻطر??ي واپار، سيڙپڪاري ۽ واپاري تعاون جي فروغ لاءِ ا??تص??دي حص??دا??ي وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ سريلنڪا سدائين هڪٻئي جو ساٿ ڏنو آهي، پاڪستان آئنده به سريلنڪا جي ڀرپور حمايت جاري رکندو. اهڙن خيا??ن جو اظهار هن سريلنڪا جي صدر گوتابايا راجا پاڪسي سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ڪولمبو ۾ ايوان صدر ۾ نويڪلائي ۾ ملاقات ٿي، جنهن کانپوءِ وفدن جي سطح تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اها ملاقات خوشگوار ماحول ۾ ٿي. وزيراعظم عمران خان پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ اعتماد، هم آهنگي ۽ گڏيل تعاون جي بنياد تي هموار لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم ٻطر??ي واپار، سيڙپڪاري ۽ واپاري تعاون جي فروغ جي ذريعي ا??تص??دي حص??دا??ي وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو، وزيراعظم پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ خاص طور زراعت، سياحت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، راند، تعليم ۽ ثقافت سميت مختلف شعبن ۾ ويجهي تعاون تي زور ڏنو ۽ غربت جي خاتمي لاءِ هڪٻئي جي تجربن مان فائدو کڻڻ جي اهيمت به بيان ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ سريلنڪا سدائين هڪٻئي جو ساٿ ڏنو آهي، هن مستقبل ۾ به سريلنڪا جي لاءِ پاڪستان جي ڀرپور حمايت جو ورجاءُ ڪيو.
پاڪستان ۽ سريلنڪا سدائين هڪٻئي جو ساٿ ڏنو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نتائج