اسلام آباد – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ??نيا ۾ هن وقت بياني جي جنگ وڙهي پئي وڃي، نوجوان نسل جو مستقبل ڊج??ٽل سان ڳنڍيل آهي، اڳوڻن دورن ۾ رياستي ميڊيا کي پارٽي بياني لاءِ استعمال ڪيو ويو، پي ٽي آءِ جو ڊج??ٽل ميڊيا رياست جي ڊج??ٽل ميڊيا کان وڌيڪ مضبوط هو، رياستي ميڊيا ادارا رياست جي بياني کي پيش ڪرڻ ۾ بري طرح ناڪام هئا، وزيراعظم عمران خان ميڊيا جي اهميت کي بهتر طريقي سان سمجهي ٿو، وزيراعظم 2017ع ۾ ئي واضح ڪري ڇڏيو هو ته مستقبل ڊج??ٽل سان لاڳاپيل آهي، اسان 2018ع ۾ ريفارمز جو آغاز ڪيو، ڊج??ٽل ميڊيا ڊولپمينٽ پروگرام نوجوانن کي ٽرانسفارمر ڪرڻ جو باعث بڻجندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊج??ٽل ميڊيا ڊولپمينٽ پروگرام جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته هو 2016ع کان پاڪستان تح??يڪ انصاف ۾ ڊج??ٽل ميڊيا کي ڏسي رهيو هو، پاڪستان تح??يڪ انصاف جو ڊج??ٽل ميڊيا رياست جي ڊج??ٽل ميڊيا کان وڌيڪ مضبوط هو، گذريل حڪومتن اطلاعات واري وزارت کي پارٽي جو ترجمان بڻائي رکيو هو جنهن ۾ رياستي بياني بدران پارٽي جي بياني کي سگهه ڏني وئي. پي ٽي وي، اي پي پي ۽ پي آءِ ڊي تباهي طرف گامزن هئا، هيومن ريسورس جي صورتحال ابتڙ هئي. صرف پي آءِ ڊي ڪراچي ۾ 62 ماڻهن جي اسٽاف مان هڪ ايم اي، ٽي بي اي ۽ باقي سمورو اسٽاف ميٽرڪ تعليم رکندڙ هو، اي پي پي، ريڊيو پاڪستان ۽ پي ٽي وي جي اربين روپين جي بجيٽ آهي پر هو رياست جي بياني کي پيش ڪرڻ ۾ بري طرح ناڪام هئا. هن چيو ته پاڪستان تح??يڪ انصاف جهڙي طريقي سان نظام قائم ڪيو هو، اسان ان تي وڃڻ چاهيو ٿي، وزيراعظم عمران خان 2017ع ۾ ئي واضح ڪري ڇڏيو هو ته مستقبل ڊج??ٽل سان لاڳاپيل آهي، اسان 2018ع ۾ ريفارمز جو آغاز ڪيو، 2020ع ۾ ڊج??ٽل ميڊيا ونگ بڻايو، پي ٽي وي کي ايڇ ڊي ڪيو، اي پي پي کي ڊج??ٽل نيوز ايجنسي بڻايو، اڄ ريڊيو پاڪستان جي ايپليڪيشن بهترين ايپس ۾ شامل آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي اقتدار ۾ اچڻ کان پهرين اسان جي حڪمرانن کي پبلڪ ڊپلوميسي جي اهميت جو خيال نه هو جڏهن ته وزيراعظم عمران خان ميڊيا جي اهميت کي بهتر طريقي سان سمجهندو آهي. صرف هلندڙ هفتي وزيراعظم جي مصروفيتن کي ڏٺو وڃي ته ??ڄي دنيا جي ميڊيا ۾ وزيراعظم جو انٽرويو ويو آهي. جيترو وقت وزيراعظم ميڊيا ۾ ڏئي رهيو آهي ايترو شايد ئي ان کان پهرين ڪنهن حڪمران ڏنو هجي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ??ن وقت 42 جرنلزم اسڪولز ڪم ڪري رهيا آهن، انهن جا ڪورسز اپ ڊيٽ نه هئا، اطلاعات واري وزارت ۾ جيڪي آفيسر سي ايس ايس ڪري ايندا آهن انهن کي ڊج??ٽل ميڊيا جي باري ۾ وڌيڪ معلومات ناهي هوندي، اسان انفارميشن اڪيڊمي جا سمورا ڪورسز تبديل ڪري رهيا آهيون ته ??يئن اسان پنهنجي آفيسرن کي ڊج??ٽل ميڊيا جي باري ۾ آگاهي فراهم ڪري سگهون. وفاقي وزير چيو ته ??ڏهن هو 2018ع ۾ پهريون ڀيرو اطلاعات وارو وزير بڻيو ته کيس ناڻي واري وزير کي خط لکيو ته ملڪ ۾ ڊج??ٽل ميڊيا ايڊورٽائيزنگ جي بجيٽ تقريبن 4 ارب روپيا آهي، اها ايندڙ پنج سالن ۾ 12 ارب روپين تائين پهچي ويندي پر ڊج??ٽل ميڊيا ايڊورٽائيزنگ صرف ٽن سالن ۾ وڌي 25 ارب تائين پهچي وئي آهي ۽ اميد آهي ته ??ها ايندڙ سالن ۾ 35 ارب روپين تائين وڌي ويندي. ڊج??ٽل ميڊيا ايڊورٽائيزنگ کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ گهرجي.
دنيا ۾ هن وقت بياني جي جنگ وڙهي پئي وڃي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : loteria Ceará