فيصل آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته حڪومت احساس پروگ??ام جي لاءِ 250 ارب رپيا رکيا آهن، اعليٰ تعليم جي لاءِ اسڪالرشپس ڏنيون پيون وڃن، ملڪي ترقي جي لاءِ عورتن جو پڙ??يل لکيل هجڻ ضروري آهي، چاهيون ٿا ته پڙ??ي لکي عورتون قومي ڌارا ۾ اڳتي اچن. اهڙن خيالن جو اظهار مملڪتي وزير فرخ حبيب رحمت للعالمين ﷺ اسڪالرشپ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته شاگردن ۽ شاگردياڻين کي اعليٰ تعليم جي لاءِ اسڪالرشپس ڏنيون پيون وڃن، اسان چاهيون ٿا ته مردن وانگر عورتون پڙ??ي لکي قومي ڌارا ۾ اڳتي اچن. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير چيو ته سمورا تعليمي وظيفا ميرٽ تي ڏنا پيا وڃن، اسڪلز فار آل تحت سڄي ملڪ ۾ نوجوانن کي فني تربيت ڏني پئي وڃي. هن چيو ته موجوده حڪومت جي دور ۾ آءِ ٽي جي روانگي واپار ۾ اضافو ٿيو آهي. فرخ حبيب چيو ته ڪامياب جوان پروگ??ام تحت ڪاروبار جي لاءِ نوجوانن کي ??رض ڏنا پيا وڃن ۽ نوجوان بنا گارنٽي جي 10 لک تائين جو ??رض حاصل ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته حڪومت ڪامياب جوان پروگ??ام جي لاءِ 100 ارب رپيا رکيا آهن، ان پروگ??ام تحت 28000 ماڻهن کي اربين رپين جا ??رض جاري ڪيا ويا آهن. هن چيو ته ڪامياب جوان پروگ??ام تحت نوجوان گهر ويٺي روزگا?? حاصل ڪري سگهن ٿا. فرخ حبيب چيو ته موجوده حڪومت جي دور ۾ آءِ ٽي جو روانگي واپار 2 ارب ڊالر تائين پهچي ويو، عورتن جو مجموعي ملڪي ترقي ۾ بنيادي ڪردار آهي.
حڪومت احساس پروگرام جي لاءِ 250 ارب رپيا رکيا آهن، اعليٰ تعليم جي لاءِ اسڪالرشپس ڏنيون پيون وڃن: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : جادوئی اسپن