اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ٻارن جو عالمي ڏين??ن ملهائڻ جو مقصد ٻارن ۽ انهن جي حقن جي تحفظ جي عزم ک?? ورجائڻ آهي، اڄ اسان پنهنجي ٻارن جي ل??ءِ هڪ بهتر مستقبل جي تعمير جو عزم ڪريون ٿا، حڪومت هر ٻار کي غربت ۽ هر قسم جي تشدد کان محفوظ بڻائڻ جي ل??ءِ پرعزم آهي، هر ٻار کي معياري تعليم ۽ صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ جي ل??ءِ ڪم ڪري رهيا ??هيون. ايوان صدر ميڊيا ونگ پاران جاري ٿيندڙ پڌرائي موجب ٻارن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر عارف علوي چيو آهي ته اسان يقيني بڻائي رهيا ??هيون ته ڪنهن ٻار سان ان جي قوميت، مذهب يا ??نف جي بنياد تي فرق نه ڪيو وڃي، هن چيو ته اڄ اسان پنهنجي ٻارن کي ماحولياتي تبديلي جي سخت اثرن کان بچائڻ جو به عزم ڪريون ٿا. صدر چيو ته پاڪستاني ٻارن جي بهتر زندگي جي ل??ءِ ميڊيا، معاشري، والدين ۽ پاڻ ٻارن کي به گڏجي تعميري ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، اچو وبا تي ضابطو آڻي هر ٻار جي ل??ءِ وبا کانپوءِ هڪ بهتر مستقبل جي ل??ءِ ڪم ڪريون.
ٻارن جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جو مقصد ٻارن ۽ انهن جي حقن جي تحفظ جي عزم کي ورجائڻ آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : دیگر کلیدی الفاظ