اسلام آباد – 22 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ايندڙ سال پاڪستان جي ناليوارن موسيقارن، آرٽسٽن ۽ فلمن جي لاءِ 22 نيشنل ايوارڊز ڏنا ويندا، فلم، ميوزڪ ۽ ٽي وي نيشنل ايوارڊز جي ذريعي اٽڪل 25 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رقم موسيقارن، فنڪارن ۽ فلم ميڪرز کي ڏني ويندي، نيشنل ايوارڊز جي ذريعي فلم، ڊرامي ۽ موسيقي کي فروغ ڏنو ويندو، تفريحي چينلز کي پهريون ڀيرو حڪومت جي اشتهارن جي پاليسي ۾ شامل ڪيو ويو آهي، نئين فلم پاليسي مڪمل ڪئي وئي آهي، فلم جي صنعت ۾ مراعتون ڏنيون آهن، ظهيرالدين بابر تي ??زبڪستان سان گڏ جڏهن ته علامه محمد اقبال تي ??يران سان گڏجي فلمون تيار ڪري رهيا آ??يو??، ملٽي م??ين ڊالرز جون اهي فلمون عالمي معيار جون هونديون. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت، پاڪستان ٽيليويزن ۽ پاڪستان آرٽس ڪائونسل جي وچ ۾ نيشنل ايوارڊز جي حوالي سان مفاهمت جي ياداشت تي ??حيحن واري تقريب کانپوءِ پريس اڪنفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ماضي ۾ پاڪستان جو بيانيو پيش ڪرڻ جي ذريعن کي ڪمزور ڪيو ويو، فلم، ڊرامي ۽ موسيقي جا شعبا ڌيان نه ڏيڻ جو شڪار رهيا، 60ع جي ڏهاڪي ۾ اسان دنيا جا ٽئين نمبر تي وڏا فلم ميڪا هئاسين جڏهن ته سئنيما گ??رن جي لحاظ کان به پاڪستان دنيا ۾ ٽئين يا چوٿين نمبر تي هو. هن چيو ته ايندڙ سال فلم، ميوزڪ ۽ ٽيليويزن ايوارڊ ذريعي ناليوارن موسيقارن، آرٽسٽن ۽ فلمن جي لاءِ 22 ايوارڊز ڏنا ويندا، اٽڪل 25 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جي رقم انهن ايوارڊز جي ذريعي م??سيقارن، فنڪارن ۽ فلم ميڪرز کي ڏني ويندي. هن چيو ته نئين فلم پاليسي مڪمل ڪئي وئي آهي، فلم جي صنعت ۾ مراعتون ڏنيون آهن. هن چيو ته مقامي م??اد جي حوصلا افزائي جي لاءِ پرڏيهي م??اد تي ٽيڪسز هنيا ويا آهن، اڪثر ٽيليويزن چينل غيرملڪي ڊراما درآمد ڪن ٿا، ان سان مقامي سطح تي ??يار ٿيندڙ ڊراما بري طرح متاثر ٿين ٿا. هن چيو ته اشتهارن ۾ غيرملڪي اداڪارن کي ٽيليڪاسٽ ڪرڻ سان اسان جي پنهنجي اداڪارن جو روزگار متاثر ٿئي ٿو. وڏيون ڪمپنيون مقامي اداڪارن ۽ ماڊلز کي نظرانداز ڪري ٻاهرئين ملڪ مان ماڊلز ۽ ايڪٽرز کي آڻين ٿيون، اهڙن اشتهارن تي ??ه ٽيڪس لڳايا پيا وڃن ته جيئن اهڙي قسم جي قدمن جي حوصلا شڪني ٿي سگهي. چوڌري فواد حسين چيو ته پاڪستان ۾ خوبصورت جايون موجود آهن جتي فلم سازي جي لاءِ اين او سي جي طريقيڪار کي آسان بڻايو پيو وڃي. هن ٻڌايو ته پي ٽي وي جي اندر فلمز ڊويزن ٺاهي پئي وڃي، ٻه وڏيون فلمون آخري مرحلن ۾ آهن، ظهيرالدين بابر تي ??زبڪستان گڏ جڏهن ته علامه محمد اقبال تي ??يران سان گڏجي فلمون تيار ڪري رهيا آ??يو??، اهي ٻئي فلمون ملٽي م??ين ڊالرز جون هونديون، انهن جي پراڊڪشن ۽ ڪاسٽ انٽرنيشنل معيار جي هوندي. چوڌري فواد حسين چيو ته ٽيپو سلطان تي فلم پرائيويٽ ڪمپني سان گڏجي ٺاهي پئي وڃي، پي ٽي وي فلمز تي نوجوان فلم ميڪرز کي م??قعا ڏنا ويندا. هن چيو ته نوجوان فلم ميڪرز اڳتي ??چن، اسان سان گڏجي فلم پروڊيوس ڪن، اسان انهن کي مارڪيٽنگ جي سهولتن سميت هر ممڪن تعاون فراهم ڪنداسين. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته فلم انڊسٽري جي بحالي جي لاءِ اسان هر ممڪن قدم کڻنداسين، سئنيما گ??رن تي ??اص ڌيان ڏيندي بجلي جي اگهن ۾ رعايت سميت ٽيڪسن ۾ پڻ گهٽتائي ڪئي آهي. هڪ سئنيما اسڪرين سان 23 خاندانن کي روزگار ملي ٿو، اين سي او سي سان گڏجي سئنيما گ??رن کي کولڻ جي لاءِ قدم کنيا، نان انڊين پنجابي فلمن جي اجازت ڏني. هن چيو ته تفريحي چينلز کي پهريون ڀيرو حڪومت جي اشتهارن جي پاليسي ۾ شامل ڪيو ويو آهي، اسان تفريحي چينلز کي مضبوط ڪرڻ چا??يو?? ٿا، اسان جي ڪوشش آهي ته اسان پاڪستان جي اسٽوري پيش ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي م??ڊيمز کي مضبوط بڻايون. ان موقعي تي ??رٽس ڪائونسل پاڪستان جي صدر اح??د شاهه چيو ته پاڪستان جي آثقافت ۽ علائقائي زبانن کي فروغ ڏنو ويندو، ايندڙ سال 11، 12 ۽ 13 مارچ تي 15 هين عالمي اردو ڪانفرنس اسلام آباد ۾ ٿيندي جنهن ۾ سڄي پاڪستان مان ماڻهو شرڪت جي لاءِ ايندا. ان کان اڳ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت، پاڪستان ٽيليويزن ۽ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان جي وچ ۾ نيشنل ايوارڊز جي لاءِ مفاهمت جي ياداشت تي ??حيحون ٿيون. ان موقعي تي ??طلاعات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، اطلاعات واري سيڪريٽري شاهيره شاهد، آرٽس ڪائونسل ڪراچي جو صدر اح??د شاهه ۽ پي ٽي وي جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر عامر منظور پڻ موجود هئا.
ايندڙ سال پاڪستان جي ناليوارن موسيقارن، آرٽسٽن ۽ فلمن جي لاءِ 22 نيشنل ايوارڊز ڏنا ويندا: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا ٹکٹ کیسے خریدیں