اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوان نسل ۾ اعليٰ اخلاقي قدرن کي فروغ ڏيڻ ۽ انهن کي جديد علم ۽ ٽيڪنالاجي سان آراسته ڪرڻو آهي، اهڙن مضمونن جي لاءِ وظيفا ڏنا آ??ن جن سان ملڪي ترقي جو رستو متعين ٿئي، اسڪالرشپ ڪمپلينٽ پورٽ قائم ڪرڻ سان شاگردن جي اسڪال??شپ?? بابت شڪايتن جو ازالو ٿيندو ۽ شفافيت ايندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سڄي ملڪ جي شاگردن جي لاءِ اسڪالرشپ ڪمپلينٽ پورٽ جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي تعليم وارو وفاقي وزير شفقت محمود پڻ موجود هو. وزيراعطم چيو ته جڏهن اسان جي حڪومت آئي ته شاگردن کي اسڪال??شپ?? جاري ڪرڻ جي حوالي سان تمام گهڻيون مشڪلاتون درپيش هيون. 18 هين ترميم کانپوءِ اسڪال??شپ?? جاري ڪرڻ جا جدا جدا پروگرام هلي رهيا هئا. اسان فيصلو ڪيو ته جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻيندي اسڪال??شپ?? جاري ڪرڻ جي نظام کي شفاف بڻايون ته جيئن شاگردن کي ميرٽ تي اسڪالرشپ ملي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته اهڙن مضمونن ۾ اسڪالرشپ ڏنيون وڃن جن سان ملڪي ترقي جو رستو متعين ٿئي. اسان کي مختلف شعبن ۾ ضرورتن ۽ ملڪي تعمير ۽ ترقي کي نظر ۾ رکندي تعليم جو نظام جوڙڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته ڪجهه مضمون اهڙا آ??ن جيڪي موجوده وقت ۾ پنهنجي اهميت وڃائي چڪا آ??ن جڏهن ته ڪجهه مضمون اهڙا آ??ن جن کي پڙهائڻ جي لاءِ ماڻهو ئي نه ٿا ملن. اسان کي مختلف شعبن جي لاءِ پروفيشنلز جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسڪال??شپ?? جاري ڪرڻ جي لاءِ ماهرن جي ٽيم هوندي جيڪا جائزو وٺندي ته هنن شعبن ۾ اسڪال??شپ?? جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسان رحمت للعالمين اسڪالرشپ متعارف ڪرائي ته جيئن نوجوان نسل کي ان انقلاب کان روشناس ڪرائي سگهجي جيڪو حضور نبي ڪريم ﷺ مديني جي رياست ۾ آندو هو. هن چيو ته جيڪو به معاشرو ۽ رياست انهن اصولن کي اختيار ??ندو جن جي بنياد تي مديني جي رياست جوڙي وئي، اهو خوشحالي ۽ ترقي جي رستي تي گامزن ٿي ويندو. هن چيو ته اسلام ۾ ڏاڍ نه آهي، اسا جو فرض آهي ته نوجوانن کي صحيح رستي بابت آگاهي فراهم ڪريون. وزيراعظم چيو ته پاڪستان قائم ڪرڻ جو مقصد اسلامي فلاحي رياست جوڙڻ هو. نوجوانن کي جديد ٽيڪنالاجي جي تعليم ڏيڻ ۽ اسلامي تعليم کان آگاهه ڪرڻ جي ضرورت آهي. حڪومت ان طبقي کي مٿي آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي جنهن ۾ اڳتي وڌڻ جي صلاحيت ۽ جستجو آهي. نمل يونيورسٽي ۾ غريب خاندانن جي ٻارن بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو ڇو ته انهن ۾ اڳتي وڌڻ جو لڳاءُ هو. هن چيو ته هن پورٽل قائم ڪرڻ سان اسڪال??شپ?? جي حوالي سان شاگردن جي مشڪلاتن ۽ شڪايتن کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هاڻي ڪو به ٻار ان سبب جي ڪري پٺتي نه رهندو ته هو فيس ادا نه ٿو ڪري سگهي. جيڪو به شاگرد خرچ برداشت نه ٿو ڪري سگهي، حڪومت ان کي سپورٽ ڪندي. ڪنهن به حڪومت ايتريون اسڪال??شپ?? ناهن ڏنيون جيتريون اسان جي حڪومت ڏنيون آهن. هن چيو ته هايئر ايجوڪيشن جي لاءِ موجوده حڪومت 123 ارب رپيا رکيا آ??ن جيڪي ملڪي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ آهن. 42 ارب رپيا نئين اسڪيمن جي لاءِ ڏنا ويا آ??ن ۽ 28 نيون يونيورسٽيون ٺاهيون ويون آهن. پي ايڇ ڊي جي لاءِ 4 هزار ۽ اوورسيز جي لاءِ اڍائي هزار اسڪالرشپ ڏنيون ويون آهن. احساس پروگرام جي ذريعي اسڪال??شپ?? جا مثبت نتيجا سامهون اچي رهيا آ??ن. هن چيو ته سنگل نيشنل ڪريڪولم انقلابي قدم ثابت ٿيندو. وظيفا جاري ڪرڻ جي حوالي سان شڪايتن جي ازالي جو طريقيڪار جوڙڻ تمام بهترين قدم آهي. ان کان اڳ وزيراعظم بٽڻ دٻائي سڄي ملڪ جي شاگردن جي لاءِ اسڪالرشپ ڪمپلينٽ پورٽل جاري ڪيو.
نوجوان نسل ۾ اعليٰ اخلاقي قدرن کي فروغ ڏيڻ ۽ انهن کي جديد علم ۽ ٽيڪنالاجي سان آراسته ڪرڻو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : امکان ہے کہ میگا سینا