اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محم?? شهباز شريف سعودي فرمانروا شاهه سلمان ۽ ولي عه?? شهزاده محمد بن سلمان کي عيد جي مبارڪباد ڏني آهي. وزيراعظم ??هب??ز شريف ٽوئيٽر تي پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ سعودي عرب جي ٽي ڏينهن جي سرڪاري دوري دوران پاڪستاني وفد جي شاندار استقبال ۽ مهمان نوازي تي سعودي ولي عهد جا ٿورا پڻ مڃيا. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ سلطنت سعودي عرب گهرن رابطن ۽ تعاون جي نئين دور ۾ داخل ٿي چڪا آهن. وزيراعظم محم?? شهباز شريف چيو آئون ولي عه?? شهزاده محمد بن سلمان پاران شاندار استقبال ۽ شاندار مهمان نوازي جي لاءِ ٿورا ادا ڪرڻ چ??هي??ن ٿو. وزيراعظم هڪ ٽوئيٽ ۾ سعودي فرمانروا شاهه سلمان، ولي عه?? شهزاده محمد بن سلمان ۽ سلطنت سعودي عرب جي عوام کي عيدالفطر جي مبارڪباد پڻ ڏني. وزيراعظم پنهنجي هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ چيو ته گڏيل عرب امارات جي هڪ اعليٰ اختياراتي اقتصادي ٽيم جي آجيان ڪريون ٿا. اها ماهر اقتصادي ٽيم گڏيل عرب امارات جي دوري دوران ولي عه?? شهزاده محمد بن ز??د سان ملاقات جي فالو اپ طور پاڪستان جو دورو ڪري رهي آهي جنهن ۾ اسان ٻطرفي اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي تعاون کي جامع طور تي فروغ ڏيڻ جو عزم ڪيو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران سعودي فرمانروا شاهه سلمان ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان کي عيد جي مبارڪ
مضمون کا ماخذ : لاٹوفاسیل