اسلام آباد-29 آگسٽ (اي پي پي) پاڪ فضائيه جي سربراهه ٻوڏ متاثر علائقن جي بگڙجندڙ صورتحال کي نظر ۾ رکندي پاڪ فضائيه کي ٻوڏ جي جارحاڻي مهم ۾ وڌيڪ تيزي پيدا ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. پاڪ فضائيه جي سربراهه سمورن بيسز کي هدايت ڪئي آهي ته هو مقامي سول عملدارن سان گڏجي ٻوڏ متاثر ماڻهن جي مدد ڪن. پاڪ فضائيه جي ترجمان مطابق ٻوڏ متاثرن جي امداد لاءِ پ?? اي ايف فلڊ رليف ڊونيشن اڪائونٽ قائم ڪ??و پيو وڃي. چيف آف د?? ايئر اسٽاف ج?? انساني امداد ۽ قدرتي آفتن بابت امدادي مهم جو مقصد زميني رستو ڪٽجڻ سبب ڏورانهن علائقن ۾ ڦاٿل ٻوڏ متاثرن تائين پهچي کين بروقت امداد فرا??م ڪرڻ آهي. پ?? اي ايف جي سمورن برانچز کي هدايت ڪئي وئي آهي ته ان مهم لاءِ ڀرپور ڪو??ش ۽ تعاون فرا??م ڪن. امدادي ڪاررواين جي ڪارڪردگي کي نظر ۾ رکڻ لاءِ ايئر هيڊ ڪوارٽرز اسلام آباد ۾ هڪ فوڪل پوائنٽ به قائم ڪ??و ويو آهي. اثرائت?? انتظامن لاءِ ريجنل ايئر ڪمانڊز تحت 3 رليف زونز قائم ڪ??ا ويا آهن جڏهن ته پ?? اي ايف ايئر موبلٽي ڪمانڊ جي 25 کان وڌيڪ هيلي ڪاپٽرز ۽ 8 سي-130 جهاز ڏورانهن علائقن ائين فوري رسائي لاءِ استعمال ڪيا ويندا. ان جدوجهد لاءِ هڪ ايئر سپورٽ برج قائم ڪ??و پيو وڃي، جتي بي گهر ماڻهن لاءِ خيما بستيون قائم ڪ??ون پيون وڃن جي کين مفت خوراڪ، رهائش ۽ طبي سهولتون فرا??م ڪيون پيون وڃن. ڊزاسٽر رليف سيل ۾ قائم پ?? اي ايف هيلپ ڊيسڪ مان ٻوڏ بابت ڪنهن به قسم جي ڄاڻ ۽ امداد لاءِ 9260835-051 ۽ 9262404-051 تي رابطو ڪري سگهجي ٿو.
ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ پاڪ فضائيه پاران انساني امداد ۽ قدرتي آفتن بابت امدادي مهم تيز
مضمون کا ماخذ : ماہی گیری کا جنون