اسلام آباد -27 آ??ٽوبر (اي پي پي) گلگت بلتستان ۽ ڪشمير بابت ??زي??اعظم جي صلاحڪار قمر زمان ڪ??ئره چيو آهي ته پاڪستان ڪ??ميرين جي خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ تائين انهن جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو، موجوده حڪومت ڪشمير مسئ??ي تي عالمي راءِ هموار ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، 27 آ??ٽوبر جو ڏينهن اسان ڪ??رو ڏينهن طور ملهائيندا آهيون، تاريخ ۾ اڄوڪي ڏينهن ڀارت پنهنجي قابض فوج ذريعي ڪشمير تي حملو ڪيو. اهڙو اظهار هن والاريل ڪشمير تي ڀارت جي غير قانوني والار خلاف ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ ڪيو، هن چيو ته 27 آ??ٽوبر 1947ع تي ڪشميرين خلاف ظلم ۽ ڏاڍ جي اهڙي داستان شروع ٿي جيڪا اڃان تائين جاري آهي، ڀارت هر ايندڙ ڏينهن والاريل ڪشمير ۾ ظلم ۽ ڏاڍ ۾ واڌ ڪئي آهي، قمر زمان ڪ??ئره چيو ته ڏهاڪن جي هن سفر ۾ ڪشميرين جي عزم، همت ۽ آزادي جي تڙپ ۾ ڪا به گهٽتائي نه آئي، پاڪستان ڪ??ميرين جي خودمختياري واري حق جي حاصلات تائين انهن جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو.ڪشمير جي آزادي مڪمل ڪرڻ جو ڪيس پاڪستان جي آزادي مڪمل ڪرڻ جو ڪيس آهي، هن چيو ته پاڪستان جو ٻچو ٻچو ۽ هر ماڻهو هن ڪيس کي پنهنجي دل جي ويجهو رک?? ٿو، ڪشميرين پنهنجي حقن لاءِ رت کان وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، ڀارت ڪشميرين تي دنيا جي ڏاڍ جا سمورا هٿيار آزمائي چڪو آهي پر هو ڪشميرين جي جذبي کي دٻائڻ ۾ ناڪام رهيو. قمر زمان ڪ??ئره چيو ته انشاءُ الله اسان جا ڪشميري ڀائر جلد پنهنجي خودمختياري وارو حق حاصل ڪندا ۽ پنهنجي منزل جو فيصلو پاڻ ڪندا، هن چيو ته موجوده حڪومت ڪشمير مسئ??ي تي عالمي راءِ هموار ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، ??زي??اعظم شهباز شريف ۽ پرڏيهي ??زي?? بلاول ڀٽو زرداري هن مسئلي کي دنيا جي فورمز تي اڳيان اڳيان رکن ٿا،هن چيو ته اسان دنيا جي راءِ عامه کي هموار ڪرڻ ۽ انساني حقن جي ادارن کي جاڳائڻ جي ڪوشش جاري رکنداسين.
ڪشميرين جي خودمختياري وارو حق حاصل ڪرڻ تائين انهن جي سياسي اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکنداسين:قمر زمان ڪائره
مضمون کا ماخذ : como jogar dupla sena