اسلام آباد – 27 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ذخيره اندوزن ۽ منافعي خورن جي خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪندي وفاق ۽ صوبن جي ضلعي انتظاميا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي فري ه??نڊ ڏئي ڇڏيو. وزيراعظم مرغي جي قيمتن ۾ اضافي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ رم??ان المبارڪ ۾ يوٽيلٽي اسٽورز تي سستي کاڌي پيتي جي شين جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن رم??ان المبارڪ دوران کاڌي پيتي جي بنيادي شين جي دستيابي ۽ انهن جي قيمتن ۾ استحڪام يقيني بڻائڻ جي حوالي سان اهم اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم کي بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ ڪڻڪ سميت کاڌي پيتي جي شين جي ڪا کوٽ نه آه??. و??يراعظم شهباز شريف ذخيره اندوزن ۽ منافعي خورن جي خلاف سخت قانوني ڪارروائي جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته وفاق ۽ صوبن ۾ ضلعي انتظاميا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي فري ه??نڊ ڏئي ڇڏيو آهي. هن هدايت ڪئي ته ذخيره اندوزي ۽ وڌيڪ اگهه وٺندڙن جي خلاف سخت ترين ڪارروائي ڪئي وڃي. رم??ان المبارڪ کان اڳ گودامن، دڪانن ۽ منڊين ۾ آپريسن ڪن. ٻوڏ، معاشي مشڪلاتن ۾ ڦاٿل عوام کان رم??ان ۾ جيڪو وڌيڪ قيمت وٺي، ان کي سختي سان منهن ڏيو. وزيراعظم وفاقي حڪومت کي وڏن وزيرن سان گڏجي رم??ان ۾ شين جي رواني ۽ قيمتن تي ڪنٽرول جو ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته عبادتن جي مهيني ۾ جيڪو روزيدارن کي تنگ ڪري، ان کي قانون جي طاقت سان سبق سيکاريو. شهباز شريف سخت هدايت ڪئي ته شين جي طلب، پهچ ۽ قيمتن ۾ ڳڙٻڙ ٿي ته لاڳاپيل علائقن جي آفيسرن جي خلاف ڪارروائي ٿيند??. و??يراعظم ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته خوراڪ جي کوٽ نه ته پوءِ مرغي جي قيمت ۾ اضافو ڇو؟ وزيراعظم هدايت ڪئي ته جيڪو عوام کي تنگ ڪري، قانون ان کي پڪڙ ۾ آڻي، ڪا نرمي نه ڪئي وڃي. عوام تي مهانگائي جو بار وڌائيندڙ منافعي خورن کي پڪڙيو ۽ قانون جو سبق سيکاريو. وزيراعظم اها به هدايت ڪئي ته سڄي ملڪ ۾ يوٽيلٽي اسٽورز تي معياري شين جي فراهمي يقيني هجڻ گهرجي. مقدس مهيني ۾ موبائيل يوٽيلٽي اسٽورز قائم ڪريو، سحر ۽ افطار ۾ روزيدارن جون دعائون وٺو. وزيراعظم وفاق ۽ صوبن ۾ سستا رمضا بازار لڳائڻ جي پڻ هدايت ڪئ??. و??يراعظم هدايت ڪئي ته رم??ان بازارن ۾ قيمتن کي ڪنٽرول ڪرڻ جي لا??ِ جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي وڃي.
وزيراعظم پاران ذخيره اندوزن ۽ منافعي خورن جي خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت
مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ