اسلام آباد – 10– اپريل (اي پي پي) 1973ع جي آئين جي گولڊن جوبلي ڪنوينشن پاڪستان جي عوام جي روشن مستقبل کي يقيني بڻائڻ ۽ آئين ?? ان جي اصولن جي بالادستي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جو وچن ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته رياست جا سمورا ادارا 1973ع جي آئين تي مڪمل عملدرآمد ڪن ۽ سمورا اهي ضروري قدم کڻن جن سان پاڪستان جي عوام جي حقن ۽ مفادن جو تحفظ يقيني بڻائي سگهجي جڏهن ته 1973ع جي آئين جي منطوري جي ياد ۾ هر سال 10 اپريل تي ”قومي آئين جو ڏهاڙو“ ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. وزيراعظم شهباز شريف پاران آئين جي گولڊن جوبلي جي سلسلي ۾ منعقد پروقرار ڪنوينشن ۾ پيش ڪيل قرار??اد متفقه طور تي منظور ڪئي وئي. وزيراعظم شهباز شريف پاران اسلامي جمهوريه پاڪستان جي 1973ع جي آئين جي گولڊن جوبلي جي قرار??اد ڪنوينشن ۾ پيش ڪئي وئي. قرار??اد ۾ چيو ويو ته اسلامي جمهوريه پاڪستان جي آئين جي گولڊن جوبلي ملهائيندي هي ڪنوينشن قرار ڏي ٿ?? ته پاڪستان جي آئين ?? لکيل آهي ته حاڪميت اعليٰ رڳو الله تعاليٰ جي آهي ۽ ان جي ڏنل ان اختيار کي پاڪستان جي عوام پنهنجي چونڊيل نمائندن جي ذريعي الله تعاليٰ جي مقرر ڪيل حدن جي اندر رهي استعمال ڪندي، اهو ته 10 اپريل 1973ع تي قومي اسيمبلي مان منظور ٿيندڙ آئين پاڪستان جي عوام جي امنگن ۽ خواهشن جو ترجمان آهي، اهو ته 1973ع جو آئين قائداعظم محمد علي جناح ۽ حضرت علامه اقبال سميت پاڪستانين جي بانين جي ڏاهپ جو عڪس آهي ۽ جمهوريت، برابري، آزادي ۽ انصاف جا اصول رکندڙ آهي. قرار??اد ۾ چيو ويو آهي ته 1973ع جو آئين تنوع ۽ پاڪستان جي اتح??د جو منفرد مظهر آهي ته اهو صوبن جي وحدت ۽ وفاق جي سياسي اتحاد کي يقيني بنائيندي ان جي حقن ۽ خودمختياري کي تسليم ڪري ٿ??، 1973ع جو آئين اصولن جي بالادستي، قانون جي حڪمراني ۽ انساني حقن جي تحفظ جي لاءِ پارليامينٽ، عدليه ۽ انتظاميا جي رهنمائي ۽ جذبي جو ذريعو آهي. قرار??اد ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته 1973ع جي آئين ?? گذريل سالن دوران پاڪستان جي عوام جي تبديلي ٿ??ندڙ ضرورتن ۽ خواهشن کي سهيڙڻ جي لاءِ ترميم ٿيندي رهي آهي ۽ يقيني بڻايو ويندو رهيو ته آئين وقت جي موجب پنهنجي اهميت برقرار رکي. اسلامي جمهوريه پاڪستان جي گولڊن جوبلي ملهائيندي ان جي پنهنجي وجود کي برقرار رکڻ جي صلاحيت، جمهوريت، قانون جي حڪمراني ۽ انساني حقن جي لاءِ پنهنجي پڪي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿ??. قرار??اد ۾ چيو ويو آهي ته هي ڪنوينشن پاڪستان جي پارليامينٽ تي زور ڏي ٿ?? ته اسلامي جمهوريه پاڪستان جو آئين 1973ع جي خوشي ملهائيندي پاڪستان کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿ?? جن 1973ع جي آئين جو بنياد رکيو ۽ انهن سمورين شخصيتن کي به خراج عقيدت پيش ڪري ٿ?? جن گذريل سالن دوران آئين جي بهتري ۽ ترقي ۾ ڪوششن جي صورت ۾ پنهنجو حصو وڌو آهي. 1973ع جي آئين کي پاڪستان جي جمهوريت جو بنياد تصور ڪريون ٿا جيڪو پاڪستان جي انتظام هيٺ سمورن خطن جي سمورن طبقن کي نمائندگي ۽ شرڪت فراهم ڪري ٿ??، آئين ?? ڏنل جمهوري اصولن، قانون جي حڪمراني ۽ سماجي انصاف جي بالادستي جي وچن جو ورجاءُ ڪري ٿ??. قرار??اد ۾ چيو ويو آيه ته 1973ع جي آئين تي عمدلرآمد، ان جي بالادستي، آئين ?? ڏنل اصولن، قدرن ۽ مقصدن جي بالادستي ۽ پاسداري کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ عدليه، انتظاميا ۽ پارليامينٽ جي ڪردار جي تحسين ڪري ٿ??، قرار??اد ۾ چيو ويو آهي ته رياست جا سمورا ادارا 1973ع جي آئين تي مڪمل عملدرآمد ڪن ۽ سمورا اهي ضروري قدم کڻن جن سان پاڪستان جي عوام جي حقن ۽ مفادن جو تحفظ يقيني بڻائي سگهجي. هي ڪنوينشن 1973ع جي آئين جي تياري ۽ منظوري جي تاريخ ۽ ورثي تي فخر جو اظهار ڪري ٿ?? جنهن ۾ وفاقيت (فيڊرل ازم)، اختيارن جي ٽن رياستي ادارن ۾ ورڇ، عدليه جي آزادي ۽ غيرج??نب??اري، صوبائي خودمختياري ۽ شهرين جا بنيادي حق لکيل آهن. ڪنوينشن قرار??اد ۾ فيڊرل ازم جي اصولن کي بالادست رکڻ جي اهميت تي زور ڏنو آهي جيڪو دستور جي بنيادي جزن مان آهي، هي ڪنوينشن اسلامي جمهوريه پاڪستان جي آئين جي روح موجب ان جو دفاع، سلامتي ۽ حفاظت جو وچن ڪري ٿ??. قرار??اد ۾ چيو ويو آهي ته اسلاميه جمهوريه پاڪستان جي آئين جي پنهنجي وجود کي برقرار رکڻ جي صلاحيت ۽ ان يقين تي اعتم??د جو اظهار ڪري ٿ?? ته ايندڙ نسلن جي لاءِ مشعل راهه بڻجي ان جي رهنمائي ڪندو رهندو ۽ انهن کي جذبو ڏياريندو رهندو. قرار??اد ۾ چيو ويو ته هي ڪنوينشن 10 اپريل 2023ع تي قومي دستور ڏهاڙي طور ملهائڻ جو اعلان ڪري ٿ?? جيڪو هر سال 1973ع جي آئين جي منظوري جي ياد ۾ سڄي ملڪ ۾ ملهايو يوندو. هي ڏينهن پاڪستان جي عوام کي آئين ?? ملڪ جي لاءِ ان جي اهميت کان آگاهه ڪندو. قرار??اد ۾ چيو ويو آهي ته هي ڪنوينشن متفقه طور تي اهي قرار??اد منظور ڪندي اهو وچن ڪري ٿ?? ته پاڪستان جي عوام جي روشن مستقبل کي يقيني بڻائڻ ۽ آئين جي بالادستي ۽ ان جي اصولن جي پاسداري جي لاءِ گڏجي ڪم ڪنداسين.
1973ع جي آئين جي گولڊن جوبلي ڪنوينشن، پاڪستان جي عوام جي روشن مستقبل کي يقيني بڻائڻ ۽ آئين ۽ ان جي اصولن جي بالادستي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جو وچن
مضمون کا ماخذ : ڈریگن اسپن