اسلام آباد – 26 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان جي پهرين ميوزڪ پاليسي جو ڊرافٽ تيار ڪيو ويو آهي، ميوزڪ پاليسي جي ذريعي ڪيترين ئي مراعتن ۽ سهولتن سان ميوزڪ ??نڊ??ٽري کي نئين زندگي ملندي، پائريسي ۽ ڪاپي رائيٽس سميت ميوزڪ ??نڊ??ٽري کي درپيش مسئلا حل ٿيندا، موسيقي پاڪستان جو ڀرپور ۽ تاري??ي ورثو آهي جيڪو صوفي شاعرن جي شاعري، قديم ۽ جديد موسيقي جو نادر مجموعو آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پبلڪ پرفارمنس، پروڊڪشن، ڊسٽري بيوشن، ايڊيپٽيشن، ڊيوريشن، مڪينيڪل ۽ ڪميونيڪشن رائيٽس کي قانوني ڍانچي ۾ آندو پيو وڃي، انهن قدمن ۾ يوزرز اينڊ ??ائ??سز جو مسئلو پڻ حل ٿي ويندو جنهن سان ميوزڪ ??نڊ??ٽري کي فروغ ملندو. هن چيو ته موناپلائيزيشن جي خاتمي سان گڏوگڏ ميوزڪ ورڪرز جي بنيادي قانوني حقن جو تحفظ ٿيندو، ڪاپي رائيٽ سميت ميوزڪ اسٽيڪ هولڊرز کي درپيش مسئلا حل ٿيندا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ميوزڪ جي تياري، ڳائيندڙن، لکندڙن ۽ ڌُن ٺاهيندڙن جي قانوني حقن جو تحفظ يقيني ٿيندو. جڏهن ته ميوزڪ جي وڪري، ان جي نقل ۽ موسيقي چورائڻ بابت پراڻا مسئلا حل ٿيندا. هن چيو ته ميوزڪ پاليسي پاڙيسري ملڪن ۾ لاڳو قانونن ۽ عالمي معيار موجب تياري ڪئي وئي آهي، پراڻي ميوزڪ کي محفوظ ڪرڻ جي لاءِ خصوصي قدم پڻ پاليسي ۾ شامل آهن. هن چيو ته مقامي ۽ فوڪ موسيقي، ع??ائ??ائي زبانن ۾ موسيقي جي لاءِ پڻ قدم پاليسي جو حصو آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته گلوڪارن، لوڪ فنڪارن ۽ مقامي ۽ ع??ائ??ائي موسيقي کي فروغ ڏينداسين، ان پاليسي جي ذريعي پاڪستان جي موسيقي جي عظيم ورثي جي تحفظ ۽ فروغ جي لاءِ قدم کنيا ويندا. هن چيو ته موسيقي پاڪستان جو ڀرپور ۽ تاري??ي ورثو آهي جيڪو صوفين جي شاعري، قديم ۽ جديد موسيقي جو نادر مجموعو آهي. هن چيو ته موسيقي پاڪستاني معاشري جي روح چئي سگهجي ٿي، اها قومي، تهذيبي ۽ ثقافتي سڃاڻپ نسل درنسل منتقل ٿيندي پئي اچي. هن چيو ته 1970ع کانپوءِ کان هيستائين ميوزڪ جي شعبي ۾ قانوني، انتظامي يا پاليسي ليول جي ڪا تبديلي ناهي ٿي. هن جو چوڻ هو ته ڪاپي رائيٽ جي اهميت کان عوام کي آگاهه ڪيو ويندو ته جيئن معياري ميوزڪ ٺهي ۽ عوام تائين پهچي، حقوق ملڪيت دانش، ميوزڪ جي چوري سان پاڪستان ۽ ميوزڪ ??نڊ??ٽري ٻنهي کي نقصان ٿي رهيو آهي.
پاڪستان جي پهرين ميوزڪ پاليسي جو ڊرافٽ تيار ڪيو ويو آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : سامراا سپلٹ