اسلام آباد – 10 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري اڳوڻي وفاقي وزير ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته اطلاعات واري وزير جي حيثيت سان پنهنجو مدو ختم ٿيڻ کان اڳ پاڪستان جي پهرين ميوزڪ پا??يس?? جاري ڪرڻ تي خوشي آهي. وفاقي ڪابينا گذريل ڏينهن 9 آگسٽ تي پنهنجي الوداعي اجلاس ۾ ميوزڪ پا??يس?? جي منظوري ڏني. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته ميوزڪ پا??يس?? جون نمايان خصوصيتون پاڪستان جي موسيقي جي عظيم ورثي جو تحفظ، موسيقي جي موجوده منظرنامي جي ترويج ۽ ترقي ۽ قانوني فريم ورڪ جي ذريع?? ميوزيڪل ورڪ جو تحفظ شامل آهي، جيڪو فنڪارن جي لاءِ استعمال ۾ آسان، لاڳو ڪرڻ ۾ جامع ۽ ٽيڪنيڪي ترقي موجب آڻڻ جي قابل آهي. مريم اورنگزيب انهن سڀني ماڻهن جا ٿورا مڃيا جن ان تاريخي پا??يس?? ۾ تعاون ڪيو، جن ۾ فنڪار، وڪيل ۽ اطلاعات واري وزارت جا عملدار شامل آهن. اڳوڻي وفاقي وزير مريم اورنگزيب وزيراعظم شهباز شريف ۽ ڪابينا جا به ٿورا مڃيا جن ان پا??يس?? جي منظوري ڏني ۽ ان کي حقيقت ??ڻائڻ ۾ مدد ڪئي.
اطلاعات واري وزير جي حيثيت سان پنهنجو مدو ختم ٿيڻ کان اڳ پاڪستان جي پهرين ميوزڪ پاليسي جاري ڪرڻ تي خوشي آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : فائر جوکر