اسلام آباد -12 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نوجوانن جي عالمي ڏينهن تي پاڪستاني نوجوانن کي مبارڪون ڏيندي چيو آ??ي، ته نوجوان اسان جو مستقبل آهن، نوجوانن جي ترقي ۽ خوشحالي پاڪستان جي ترقي جي ضامن آهي، پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي 60 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي جيڪا نوجوانن تي ٻڌل آهي کي نوجوانن جي عالمي ڏينهن تي تمام گهڻيون مبارڪون هجن، پاڪستان کي جتي رب ڪريم بيشمار قدرتي وسيلن سا?? ن??از??و آ??ي، اتي اسان جي نوجوان افرادي قوت اسان جي سڀ کان وڏي طاقت آهي. بدقسمتي سا?? ماضي م نوجوانن جي ترقي لاءِ ڪو خاص توجهه نه ڏنو ويو پر الله تعاليٰ جي فضل و ڪرم سا?? جڏهن عوام مون کي پنهنجي اعتماد سا?? پنهنجي خدمت جي ذميواري سونپي ته مون پنهنجون سموريون توانايون انهن ڪوششن ۾ صرف ڪيون. گذريل 15 مهينن ۾ نوجوانن لاءِ عالمي معيار جي تعليمي سهولتن، عالمي گهرجن سا?? هم آهنگ پيشيواراڻي تربيت، لاتعداد وظيفن، انڊومنٽ فنڊن، راندين جي سهولت، ليپ ٽاپس ۽ آسان قرض فراهم ڪيا. نوجوان اسان جو مستقبل اهن ۽ ملڪ جو معمار آهن. نوجوانن جي ترقي ۽ خوشحالي پاڪستان جي ترقي جي ضامن آهي.
نوجوان اسان جو مستقبل آهي، نوجوانن جي ترقي ۽ خوشحالي پاڪستان جي ترقي جي ضامن آهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس