اسلام آباد-22 سيپٽمبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي ايف سڪس ٽو ۾ آءِ سي جي انتظام هيٺ اسٽوڊنٽ پرو??يڪ?? ايگزيبيشن بيانڊ دي ڪلاس روم جو دورو ڪيو. مدد علي سنڌي چيو ته آئون پرنسپل ۽ استادن کي مبارڪون ڏ??ان ٿو، مون کي انتهائي خوشي آهي ته اسان جي شاگردن جي پريڪٽيڪل ناليج تي به زور ڏنو پيو وڃي. وفاقي وزير حصو وٺندڙ شاگردن لاءِ پنج، پنج هزار روپين جي انعام جو اعلان ڪيو. وفاقي وزير چيو ته اسان کي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته هر قسم جو دنياوي علم حاصل ڪريون، دنياوي علم هاڻي ڪلاس روم کان گهڻو اڳتي هليو ويو آهي ۽ اسان کي به هاڻي دنيا جي ڪامياب ترين قومن سان گڏجي هلڻ گهرجي. هن چيو ته شاگرد اسان جي قوم جو مستقبل آهن کين هر قسم جون سهولتون ڏ??ڻ گهرجن. هن چيو ته استاد شاگردن جي پرورش ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن، اسان کي ان ذميواري جو حق هر لحاظ کان پ??رو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اڄ انهن شاگردن جي صلاحيت ڏ??ي مون کي يقين ٿي ويو آهي ته اسان جو مستقبل مضبوط هٿن ۾ آهي. وفاقي وزير چيو ته جيڪڏهن اسان جي سمورن اسڪولن ۽ ڪاليجن جو اهڙو معيار هجي ته ڪنهن کي به پرائيويٽ اسڪولن ۾ وڃڻ جي ضرورت نه پوندي.
تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي طرفان اسٽوڊنٽ پروجيڪٽ ايگزيبيشن بيانڊ دي ڪلاس روم جو دورو
مضمون کا ماخذ : بڑا برا بھیڑیا۔