لاهور – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پاڪستان ٽيليويزن لاهور سينٽر جو دورو ڪ??و. هو پي ٽي وي لاهور سينٽر جي مختلف سيڪشنز ۾ ويو ۽ اتي ڪم جي نوعيت جو مشاهدو ڪ??و. ترجمان موجب ان موقعي تي پي ٽي وي لاهور جي عهديدارن اطلاعات واري نگران وفاقي وزير کي پي ٽي وي لاهور سينٽر جي ورڪنگ کان آگاهه ڪيو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پي ٽي وي يونين آفيس جو دورو پڻ ڪيو، جتي پي ٽي وي يونين جي عهديدارن اطلاعات واري وزير جو استقبال ڪيو ۽ کيس گلدستو پيش ڪيو. پي ٽي وي دوري جي موقعي تي نگران وفاقي وزير اطلاعات واري سيڪريٽ??ي ۽ پي ٽي وي جي ايم ڊي ظهور احمد جي ڪارڪردگي کي پڻ ساراهيو.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لائیو ڈرا