ابوظهبي – 23 – مئي (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف سان دبئي ۾ ڪم ڪندڙ آءِ ٽي ڪمپنين جي گڏيل عرب اما??ات ۽ پاڪستان جي پروفيشنلز ملاقات ڪئي. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزي??اع??م شهباز شريف ابوظهبي ۾ گڏيل عرب امارات، پاڪستان ٽيڪنالاجي تعاون جي موضوع تي رائونڊ ٽيبل سيشن ۾ شرڪت ڪئي. ان تقريب جو انعقاد پاڪستان سافٽ ويئر هائوسز ايسوسيئيشن ۽ پاڪستان سافٽ ويئر ايڪسپورٽ بورڊ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وزارت جي تعاون ۽ ابوظهبي ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي معاونت سان ڪيو ويو هو. ان تقريب ۾ يو اي اي ۾ قائم آءِ ٽي ڪمپنين جي سربراهن ۽ نمائندن کانسواءِ پاڪستاني آءِ ٽي ماهرن پڻ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ نائب وزي??اع??م ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيليڪام واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه ۽ وزي??اع??م جي خاص معاون سيد طارق فاطمي پڻ شرڪت ڪئي. ان ??وق??ي تي ڳالهائيندي وزي??اع??م پاڪستان ۽ گڏيل عرب اما??ات جي وچ ۾ ڀائراڻن ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل لاڳاپن جو حوالو ڏنو. هن پاڪستان ۽ يو اي اي جي وچ ۾ مضبوط اداراجاتي ۽ عوامي سطح جي لاڳاپن جو پڻ ذڪر ڪيو. وزي??اع??م چيو ته ٻئي ملڪ جدت ۽ خوشحالي جي لاءِ هڪ جهڙو عزم رکندڙ آهن. وزي??اع??م ان ??وق??ي تي پاڪستان ۽ گڏيل عرب اما??ات جي آءِ ٽي ڪمپنين ۽ پروفيشنلز کي آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام جي ش??بي ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ وڌيڪ ??وق??ا ڳولڻ جي لاءِ انهن جي خدمتن کي ساراهيو. وزي??اع??م پاڪستاني آءِ ٽي انٽرپرائيزز ۽ گڏيل عرب اما??ات جي ڪمپنين جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. اهو رائونڊ ٽيبل ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن جي ش??بي ۾ وڌيڪ تعاون جي لاءِ هڪ منفرد سيشن هو. ان سيشن جو بنيادي مقصد گڏيل عرب اما??ات جي آءِ ٽي ڪمپنين کي پاڪستاني ڪمپنين سان مضبوط لاڳاپن، انهن جي ڪامياب ڪهاڻين جي اعتراف ۽ ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفاد ۾ بزنس ٽو بزنس لاڳاپن کي مستحڪم بڻائڻ ۽ مستقبل جي حصيداري جي لاءِ هڪ جڳهه گڏ ڪرڻ هو. وزي??اع??م شرڪت ڪندڙن سان خيالن جي ڏي وٺ پڻ ڪئي ۽ مختلف تجويزن ۽ سوالن جا جواب ڏنا. هن ملڪ جي ڊيجيٽل معيشت ۾ سيڙ??ڪا??ي جي فروغ جي لاءِ سندس حڪومت جي عزم کان پڻ شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو جڏهن ته سيڙ??ڪا??ن کي پاڪستان ۾ سيڙ??ڪا??ي جي دعوت ڏني. وزي??اع??م جي موجودگي ۾ پاڪستاني ۽ گڏيل عرب اما??ات جي آءِ ٽي ڪمپنين ۾ ڊيجيٽل ٽرانسفارميشن تي عملدرآمد جي حوالي سان ٽن مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون. ان ??وق??ي تي اماراتي ڪمپنين ۾ ايوارڊ پڻ ورهايا ويا.
وزيراعظم محمد شهباز شريف سان دبئي ۾ ڪم ڪندڙ آءِ ٽي ڪمپنين جي پروفيشنلز جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : ماہی گیری کا جنون