اسلام آباد-14 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري جم??وري ادارن کي مضبوط بڻائڻ، ضروري سڌارا آڻڻ ۽ پاڪستان ۾ جم??وريت کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ اجتماعي طور تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. هن جم??وريت کي هڪ منصفاڻي ۽ جامع معاشري جو بنياد قرار ڏيندي چيو ته قوم کي درپيش موجوده چئلينجن جو حل هڪ مضبوط ۽ متحرڪ جم??وري عمل ۾ لڪيل آهي. اهڙو اظهار هن جم??وريت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هلندڙ سال جي جم??وريت جي عالمي ڏينهن جو عنوان ”مصنوعي ذهانت جي مدد سان بهتر طرز حڪمراني کي هٿي ڏيڻ آهي“.پنهنجي پيغام ۾ صدر مملڪت مصنوعي ذهانت جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته مصنوعي ذهانت شفافيت، احتساب ۽ ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته هي ڊيٽا تي ٻڌل معلومات فراهم ڪري ووٽر جي جم??وري عمل تائين پهچ بهتر بڻائي ٿي. صدر مملڪت پارليامينٽ جي ڪردار کي جم??وريت جي تحفظ، عوامي مسئلن جي حل ۽ جامع پاليسين جي جوڙ??ڪ ۾ اهم حيثيت قرار ڏنو. هن چيو ته اسان جو مستقبل جم??وري ادارن کي مضبوط ڪرڻ ۽ ان ڳالهه ک?? يقيني بڻائڻ جي اجتماعي ڪوششن تي ٻڌل آهي ته جم??وريت ايندڙ نسلن لاءِ وڌندي ويجهندي رهي. هن چيو ته بنيادي حقن جي تحفظ ۽ سمورن شهرين جي سياسي، معاشي ۽ سماجي شموليت جم??وريت جو اساس آهي. صدر مملڪت، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته هنن پاڪستان ۾ جم??وريت جي بحالي ۽ استحڪام ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. انهن جي ميراث جم??وري ??در?? جي بقاءَ جي جدوجهد جي هڪ مسلسل يادگيري ڏيارين ٿيون. صدر آصف علي زرداري چيو ته جم??وريت ذريعي پاڪستان سماجي ۽ اقتصادي انصاف، برابري، قانون جي حڪمراني ۽ اظهار راءِ جي آزادي يقيني بڻائي سگهي ٿو.
جمهوري ادارا مضبوط بڻائڻ ۽ ضروري سڌارا آڻڻ جي ضرورت آهي: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : جوگوس ڈی لوٹیریا آن لائن