نيويارڪ – 25 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم ??حم?? شهباز شريف 7 ارب ڊالر جي آءِ ايم ايف پئڪيج جي منظوري تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن ائين ئي محنت جاري رهي ته هي پاڪستان جو آخري آءِ ايم ايف پروگرام هوندو، پاڪستان جي معاشي استحڪام کانپوءِ معاشي ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ ائين ئي محنت جاري رکنداسين. وزيراعظ?? آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ??حم?? شهباز شريف چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان معاشي سڌارن جو تيزي سان لاڳو جاري آهي، پاڪستان جي معاشي استحڪام کانپوءِ معاشي ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ ائين ئي محنت جاري رکنداسين. هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪاروباري سرگرمين ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافو خوش آئنده ۽ معاشي ٽيم جي محنت جو واضح ثبوت آهي، سفارتي محاذ تي ڪاميابين سان گڏوگڏ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين پاران پرڏيهي ناڻي ۾ اضافو انهن جي حڪومتي پاليسين تي اعتماد جي عڪاسي آهي جنهن تي پاڪستاني برادري جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته جيڪڏهن ائين ئي محنت جاري رهي ته انشاءَ الله هي پاڪستان جو آخري آءِ ايم ايف پروگرام هوندو. وزيراعظم آءِ ايم ايف پئڪيج جي حوالي سان معاونت فراهم ڪندڙ دوست ملڪن خاص طو?? تي سعودي عرب، چين ۽ گڏيل عرب امارات، مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا ۽ سندس پوري ٽيم جا ٿ??را مڃيا. وزيراعظم پوري حڪومتي معاشي ٽيم، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ??حم?? اسحاق ڊار، ناڻي واري وفاقي وزير ??حم?? اورنگزيب، آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير، ناڻي واري مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ، پاڪستان جي چين ۾ سفير خليل هاشمي، پاڪستان ۾ چين جي سفير جيانگ زائيڊونگ، ناڻي واري سيڪريٽري جا پڻ ان حوالي سان ڪوششن ۽ محنت تي ٿ??را مڃيا. هن سمورين صوبائي حڪومتن خاص طو?? تي پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي جا پڻ ٿ??را مڃيا.
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران 7 ارب ڊالر جي آءِ ايم ايف پئڪيج جي منظوري تي اطمينان جو اظهار
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی گائیڈ