فيصل آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته دهشتگردي جي لعنت جي مڪمل خاتمي تائين جنگ جاري رکنداسين، ملڪي سلامتي جي لاءِ پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن جي قربانين کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي، ??يف??يننٽ ڪرنل محمد علي شوڪت وطن سان وفا جي پنهنجي وچن جي پاسداري ڪندي پنهنجو اڄ اسان جي سڀاڻي تي قربان ڪيو?? قوم کي پاڪ فوج جي قربانين تي فخر آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف اتر وزيرستان جي علائقي اسپن وام ۾ فتنه الخوارج جي خلاف وڙهندي شهاد?? ماڻيندڙ ??يف??يننٽ ڪرنل محمد علي شوڪت شهيد جي فيصل آباد ۾ اباڻي گهر وڃي سندس گهرڀاتين سان تعزيت ۽ شهيد جي مغفرت جي لاءِ دعا ڪئي. دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، وزيراعظم جو بين الصوبائي رابطن وارو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله، سينيٽر طلال چوڌري به وزيراعظم سان گڏ هئا. ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چي?? ته پاڪ فوج جا شهيد مون سميت سڄي قوم جو فخر آهن، پاڪ فوج جا شهيد اسان جي مٿي جا موڙ آهن. ملڪي سلامتي جي لاءِ پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن جون قربانيون ڪڏهن به وساري نه ٿيون سگهجن. پاڪستاني قوم پنهنجي شهيدن ۽ انهن جي گهرڀاتين جي سدائين قرضي رهندي، هر قسم جي دهشتگردي کي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. وزيراعظم چي?? ته سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي خلاف ڪامياب ڪارروايون ڪيون آه??. ل??فٽيننٽ ڪرنل محمد علي شوڪت شهيد جان جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ دشمنن جو ڄمي مقابلو ڪيو. هن اسان جي سڀاڻي جي لاءِ پنهنجو اڄ قربان ڪيو. وطن سان وفا جي پنهنجي وچن جي هن پاسداري ڪئي. ??يف??يننٽ ڪرنل محمد علي شوڪت 4 ۽ 5 آڪٽوبر جي وچ واري رات اتر وزيرستان جي علائقي اسپن وام ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪارروائي جي موقعي تي فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ شهيد ٿي ويو هو، ان سان گڏ پاڪ فوج جي 5 نوجوانن به شهاد?? ماڻي هئي. جڏهن ته 6 دهشتگرد جهنم واصل ٿيا.
دهشتگردي جي لعنت جي مڪمل خاتمي تائين جنگ جاري رکنداسين، ملڪي سلامتي جي لاءِ پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن جي قربانين کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لافانی رومانس