اسلام آباد-12 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد ۾ شنگهائي سهڪار تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس جي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ ڇنڇر ڏينهن جناح ڪنوينشن سينٽر جو دورو ڪيو ۽ اجلاس جي انتظا??ن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ڇنڇر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق جناح ڪنونشن سينٽر جي دوري جي موقعي تي وزيراعظم کي سي ڊي اي چيئرمين ۽ پ??ڏي??ي وزارت جي اختيارين طرفان بريفنگ ڏني وئي. نائب وزيراعظم ۽ پ??ڏي??ي وزير اسحاق ڊار، رٿابندي وارو وزير احسن اقبال، سڌ سماءَ وارو وزير عطاالله تارڙ ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار به وزيراعظم سان گڏ هئا. وزيراعظم شنگهائي سهڪار تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس جي انتظا??ن تي اطمينان جو اظهار ڪيو.
مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز