اسلام آباد-11 ڊسمبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ عدم پيروي ۽ ٻين سببن جي بنا تي ڪيترائي ڪيس اُڪلائ?? ڇڏيا. سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي آئيني بينچ آئيني معاملن ب??بت گذريل ڏينهن ڪيترن ئي ڪيسن جي ٻُڌڻي ڪئي ۽ اڪثر درخواستن کي ڪنهن نه ڪنهن سبب سان رد ڪر?? ڇڏيو. سپريم ڪورٽ جي 7 رڪني آئيني بينچ درخواستن کي دائمي ترتيب ۾ ٻ??ڌڻيءَ لاءِ مقرر ڪيو ۽ اڪثر پُراڻن ڪيسن جا درخواستگذارن طرفان عدم پيروي سبب انهن کي اُڪلائڻ جا قدم جاري رکيا. آئيني بينچ عام چونڊ 2024ع ۾ مبينه ڌانڌليءَ بابت 3 درخواستون عدم پيروي سبب اُڪلائ?? ڇڏيون. ٻُڌڻي شروع ٿيڻ تي درخواستگذار عبدالقيوم خان، محمود اختر نقوي ۽ ميان شبير عدالت ۾ موجود نه هئا. آئيني بينچ پي ٽي آءِ باني طرفان داخل درخواست جي ٻُڌڻي ملتوي ڪر?? ڇڏي، جنهن جي ٻُڌڻي هاڻي سپريم ڪورٽ ۾ سيار?? جي موڪل کانپوءِ ٿيندي. پي ٽي آءِ بانيءَ جو وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ فيبروري 2024ع ۾ ٿيل عام چونڊ ۾ مبينه ڌانڌليءَ خلاف پنهنجي درخواست کي ملتوي ڪرڻ جي گذارش ڪئي جنهن تي بينچ درخواست منظور ڪري ورتي. جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ آئيني بينچ سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جج مظاهر علي اڪبر نقو?? جي پاڪستان جوڊيشل ڪميشن طرفان ان کي شوڪاز نوٽيس جي خلاف درخواست تي به اُڪلائ?? ڇڏي. واضح رهي ته مظاهر علي نقوي کي پاڪستان جوڊيشل ڪميشن ب??انتظام?? جي بنياد تي سپريم ڪورٽ جي جج جي عهدي تان هٽائ?? ڇڏيو هو. مظاهر نقو?? جي وڪيل عدالت ۾ گذارش ڪئي ته سندس مؤڪل سان رابطو قائم ناهي ٿيو ۽ رابطو ڪرڻ ۽ مشوري لاءِ وقت ڏنو وڃي، جڏهن ته عدالت ان درخواست کي رد ڪر?? ڇڏيو ته ڪيس ۾ ڪابه نئين اڳڀرائي ناهي ٿي ۽ پاڪستان جوڊيشل ڪميشن پهريائين کي پنهنجو فيصلو ٻُڌائي چڪي آهي.
سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ ڪيترائي ڪيس اُڪلائي ڇڏيا
مضمون کا ماخذ : گولڈ رش