اسلام آباد – 07 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته گڏيل عرب امارات 2 ارب ڊالر جي ا??ائيگي ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، يو اي اي جي صدر پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي حوالي ??ان پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو آهي، بجلي ??ي قيمت گهٽ ڪرڻ جي لاءِ صوبن سان گڏجي دستياب آپشنز تي ڪم ڪري رهيا آهيون، روانگي واپار تي ٻڌل واڌويجهه تي ڌيان ڏيڻو پوندو، انڊونيشيا جي صدر جي پاڪستان جي دوري جي تيارين کي حتمي شڪل ڏني پئي وڃي، معيشت ۾ استحڪام اچي رهيو آهي، اسان پنهنجو مقصد جلد حاصل ڪري وٺنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم وفاقي ڪابينا جي ا??لاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ت?? آچر ڏينهن رحيم ??ار خان ۾ گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد زيد سان ملاقات تم??م گهڻي لاڀائتي ۽ مثبت رهي جنهن ۾ گڏيل لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ قدمن ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ جو جائزو ورتو ويو. يو اي اي جي صدر کي مون سيڙپڪاري وڌائڻ جي درخواست ڪئي جنهن تي هن پنهنجي ڪمٽمنٽ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ت?? پاڪستان سان هو پنهنجي ڀائراڻي تاريخي لاڳاپن کي تم??م گهڻي اهميت ڏي ٿو. وزيراعظم ٻڌايو ت?? يو اي اي جي صدر سان نويڪلائي ۾ ملاقات پڻ ٿي. هن منهنجي درخواست تي 2 ارب ڊالر جي ا??ائيگي، جيڪا جنوري ۾ واجب الادا آهي ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم ڪابينا کي ٻڌايو ت?? بجلي ??ي قيمت گهٽ ٿيڻ تائين زراعت، صنعت، روانگي واپار ۽ واپار ترقي نه ٿا ڪري سگهن. گذريل هفتي بجلي ??ي قيمت گهٽ ڪرڻ جي حوالي ??ان اجلاس ٿيو هو جنهن ۾ پنهنجي ساٿين ۽ صوبن سان گڏجي بجلي ??ي قيمت گهٽ ڪرڻ جي لاءِ آپشنز تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. هلندڙ هفتي ان بابت جامع اجلاس ٻيهر ٿيندو جنهن ۾ دستياب آپشنز تي غور ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ت?? معيشت جي اوسر لاءِ بجلي ??ي قيمت گهٽ ڪرڻ انتهائي ضروري آهي. آءِ ايم ايف آڏو اهو معاملو اٿاريو ويندو. وزيراعظم ”سميڊا“ کي پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ??ي لاءِ اهم قرار ڏيندي چيو ت?? اهو معيشت جي ترقي جي لاءِ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو. بدقسمتي سان ماضي ۾ ان کي نظرانداز ڪيو ويو ۽ هاڻي اهو هڪ بار بڻجي چڪو آهي. مون تازو ئي ان جو اجلاس گهرايو هو. سميڊا جو بورڊ تائين نه هو، هاڻي بورڊ مڪمل ڪيو آهي. وفاق صوبن سان گڏجي ان کي ڪامياب ادارو بڻائيندو، 15 جنوري تي ان حوالي ??ان ٻيهر اجلاس ٿيندو. وزيراعظم ڪابينا کي ٻڌايو ت?? ٽيڪسٽائيل جي برآمدات ۾ اضافو ٿيو آهي جيڪو خوش آئنده آهي، اسان کي روانگي واپار تي ٻڌل اوسر تي ڌيان ڏيڻو پوندو. ٽيڪسٽائيل روايتي طور تي روانگي واپار جو وڏو ذريعو آهي، اسان کي غيرروايتي ذريعن کي پڻ استعمال ۾ آڻڻو پوندو. وزيراعظم ڪابينا کي انڊونيشيا جي صدر جي هلندڙ مهيني پاڪستان جي دوري بابت پڻ آگاهه ڪيو ۽ چيو ت?? جهڙي طرح ملائيشيا سان اسان جو ڀائراڻو تعلق آهي، اهڙي طرح انڊونيشيا به اسان جو ڀائر ملڪ آهي. انڊونيشيا سان واپار ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ جي حوالي ??ان ايجنڊا تيار ڪئي پئي وڃي. انڊونيشيا جي صدر جي پاڪستان جي دوري دوران حلال گوشت، چانور ۽ کاڄرو ت??ل سميت مختلف شين جي واپار جي حوالي ??ان اڳڀرائي ٿيندي. وزيراعظم لوئر ڪرم ۾ امن معاهدي کانپوءِ معاهدي کي سبوتاز ڪرڻ جي لاءِ ڪيل ڪڌي حرڪت کي افسوسناڪ قرار ڏنو ۽ ڪابينا کي ٻڌايو ت?? ان واقعي ۾ هڪ ڊپٽي ڪمشنر شديد زخمي ٿيو آهي جنهن جو علاج جاري آهي. وزيراعظم واقعي ۾ زخمين جي جلد صحتيابي جي لاءِ دعا ڪئي ۽ پنهنجون جانيون قربان ڪندڙ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ چيو ت?? قوم انهن قربانين جي معترف آهي. وزيراعظم ڪابينا کي انساني ا??مگلنگ جي مڪروهه ڌنڌي جي خلاف حڪومتي قدمن بابت پڻ آگاهه ڪيو. هن چيو ت?? اهو مڪروهه ڌنڌو سالن کان جاري آهي، يونان ۾ جيڪي واقعا ٿيا انهن ۾ سوين پاڪستاني گذريل ڪجهه سالن دوران پنهنجي جانين تان هٿ وڃائي ويٺا. انساني ا??مگلنگ جي روڪٿام جي لاءِ حڪومت ڪم ڪري رهي آهي. انساني ا??مگلنگ سان ملڪ جي بدنامي ٿئي ٿي. ان مڪروهه ڌنڌي جو خاتمو ڪنداسين. وزيراعظم چيو ت?? حڪومتي قدمن ۽ ڪوششن جي ڪري معيشت ۾ استحڪام اچي رهيو آهي. انهي جذبي، محنت، لگن ۽ عزم سان ڪم ڪنداسين ته جلد پنهنجو وڃايل مقام حاصل ڪري وٺنداسين.
گڏيل عرب امارات 2 ارب ڊالر جي ادائيگي ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، بجلي جي قيمت گهٽ ڪرڻ جي لاءِ صوبن سان گڏجي دستياب آپشنز تي ڪم ڪري رهيا آهيون: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : تھنڈرسٹرک II