رياض-25 سيپٽمبر (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزارت نيڌرلينڊ جي شهر دي هيگ ۾ ڪيترن ئي سفارتخانن آڏو هڪ ا??ته??پسند گروپ طرفان قرآن پاڪ جي نسخن کي شهيد ڪرڻ جي سخت مذمت ڪئي آهي، عرب نيوز مطابق پرڏيهي وزارت پنهنجي بيان ۾ سعودي عرب طرفان ان قسم جي بار بار ڪيل نفرت انگيز قدمن کي مڪمل طور تي ر?? ڪندي پنهنجي موقف جو ورجاءُ ڪندي ??يو ته ان قسم جي قدمن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نٿو ڪري سگهجي، بيان ۾ ??يو ويو ته ان قسم جا قدم واضح طور تي نفرت ۽ نسل پرستي کي هوا ڏئي رهيا آهن. رواداري، اعتدال پسندي جي قدرن کي هٿي وٺائڻ ۽ ا??ته??پسندي کي رد ڪرڻ جي عالمي ڪوششن کي سڌي ريت نقصان پهچي رهيو آهي. پرڏيهي وزارت وڌيڪ ??يو ته اهڙا قدم فردن ۽ ملڪن وچ ۾ ناتن جي ض??ور?? گڏيل احترام کي ختم ڪري رهيا آهن. ياد رهي ته ڊينمارڪ، سوئيڊن ۽ هالينڊ ۾ هاڻوڪن مهينن دوران عوامي سطح تي مظاهرن جو سلسلو جاري آهي. قرآن پاڪ جي بي حرمتي تي مسلمان ملڪن ۾ ڏک ۽ ڪاوڙ واري لهر پکڙيل آهي.
دي هيگ ۾ سفارتخانن ٻاهران قرآن پاڪ جي بي حرمتي تي سعودي عرب طرفان سخت لفظن ۾ مذمت
مضمون کا ماخذ : بک آف ڈیڈ