ٽوڪيو-16 مئي(اي پي پي) ڪار ٺاهيندڙ جاپان جي مشهور اداري هنڊا اليڪٽرانڪ گاڏين ۾ سيڙپڪاري کي 2030 تائين ٻيڻو ڪري 65 بلين ڊالر ڪرڻ جي منصوبي جو اعلان ڪيو آهي، ڪمپني 2040 تائين 100 سيڪڙو اي وي جو وڪرو حاصل ڪرڻ لاءِ ٽي سال اڳ مقرر هدف حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهي ??هي، هلندڙ سال اپريل ۾ ه??ڊا 11 بلين آمريڪي ڊالر جون نيئون الڪٽرڪ وهيڪل (اي وي) بيٽرين ۽ گاڏين جي اسيمبل پلانٽن ??ان وڏي آٽو سيڙپڪاري جو اعلان ڪيو هو. هنڊا جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ??ه ڪمپني 2030 تائين ان شعبي ۾ اٽڪل 10 ٽريلين ين جي سيڙپڪاري جو منصوبو تيار ڪري رهي ??هي،ڪار ساز ڪمپني اڳ ۾ اي وي ٽيڪنالوجي لاءِ پنج ٽريلين ڊالر مختص ڪيا هئا.2030 تائين ڪمپني جو مقصد اليڪٽرڪ گاڏين ۽ فيل سيل اي وي جو عالمي سطح تي وڪرو 40 سيڪڙو بڻائڻ آهي، دنيا جو آٽو ڪمپنيون تيزي ??ان الڪٽرڪ ۽ هائبرڊ گاڏين کي ترجيح ڏئي ر??يون آهن، ماحولياتي تبديلين جي نقصانڪار اثرن جي حوالي سان ڳڻ??ي وڌڻ ??ان گڏوگڏ گهٽ ماحولياتي گدلاڻ ڦهلائيندڙ ماڊلز جي طلب ۾ اضافو ٿي ر??يو آهي.هنڊا ڪمپني 2030 تائين هر سال اٽڪل 20 لک اليڪٽرڪ گاڏيون تيار ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي، واضع رهي هنڊا ڪمپني جي مقابلي واري ڪمپني ٽو يو ٽا جو هدف 2026 تائين سالياني 1.5 ملين ۽ 2030 تائين 3.5 ملين الڪٽرڪ گاڏيون وڪرو آهي.
هنڊا جو الڪٽرانڪ گاڏين ۾ سيڙپڪاري کي 2030 تائين 65 بلين ڊالر ڪرڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : گرم گرم