ابو ظهبي -31 ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل عرب ام??را?? روس ۽ يوڪرين وچ ۾ جنگي قيدين جي نئين سر ڏي وٺ جي حوالي سان ٽياڪڙي جي ڪوششن جي ڪاميابي جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل عرب ام??را?? جي پرڏيهي وزارت گذريل ڏينهن بيان ۾ ٻڌايو ته ڪل 300 قيدين جي مٽا سٽا ڪئي وئي جنهن ۾ يوڪرين جا 150 ۽ روس جا 150 قيدي شامل آهن. گڏيل عرب ام??را?? جي ٽياڪڙي جي ڪوششن ذريعي روس يوڪرين جي قيدين جي ڏي وٺ جو انگ 2484 تائين ٿي ويو آهي. وزارت ي?? اي اي جي ٽياڪڙي جي ڪوششن ۾ سهڪار لاءِ ٻنهي ملڪن جي تعريف ڪئي. اهي ڪوش??ون هڪ قابل اعتماد ٽياڪڙ طور گڏيل عرب ام??را?? جي موقف کي ظاهر ڪن ٿيون. بيان ۾ عرب ام??را?? پاران يوڪرين تڪرار جو پر امن حل ڳولڻ لاِ ??موريون ڪوش??ون جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ پڻ ڪيو.
مضمون کا ماخذ : como jogar dupla sena