بيجنگ – 30 ڊسمبر (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو ??هي ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه تي قائم گڏيل رابطا ڪميٽي چئني صوبائي گادي وارن شهرن ۾ ريل جي ماس ٽرانزٽ منصوبن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اي پي پي سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي احسن اقبال چيو ??ه اهي ريل منصوبا لاهور، ڪراچي، پشاور ۽ ڪوئيٽا جي لاءِ منظور ڪيا ويا آهن، اهي منصوبا لاهور ۾ تعمير هيٺ اورنج لائين ٽرين منصوبي وانگر هوندا، اهي چار ئي منصوبا سي پيڪ ف??يم ورڪ جو حصو بڻايا ويا آهن. هن چيو ??ه پاڪستان ?? چين جي وچ لاڳاپا ملڪ ۾ 9 صنعتي زونز قائم ڪرڻ جو معاهدو ٿيڻ کانپوءِ هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي چڪا آهن. اهي اقتصادي زونز وفاق?? حڪومت پاران اسلام آباد، ڪراچي کانسواءِ چئني صوبن، فاٽا، گلگت بلتستان ?? آزاد ڪشمير جي مختلف شهرن ۾ قائم ڪيا ويندا.
مضمون کا ماخذ : گولڈ رش