اسلام آباد – 31 ??گس?? (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عاشور جي ڏهاڙي جي موقعي تي ملڪ ۾ امن ۽ احترام قائم رکڻ تي قوم جو ٿور?? ادا ڪندي چيو آهي ته فرقيواريت جي باهه ڀ??ڪائڻ جي ڪوشش ڪندڙ عنصرن سان سختي سان منهن ڏنو ويندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته يوم عاشور جي موقعي تي ملڪ ۾ امن ۽ احترام برقرار رکڻ تي پوري قوم جو ٿور?? ادا ڪريان ٿو بدقسمتي سان ان دوران ڪجهه فتنو پکيڙيندڙ عنصرن جُون شر انگيزيون منهنجي علم ۾ آنديون ويون آهن، جنهن ان موقعي تي فرقيواريت جي باهه ڀ??ڪائڻ جي ڪوشش ڪئي، وزيراعظم عمران خان چيو ته شرپسندن جي ان گروهه سان حڪومت نهايت سختي سان منهن ڏيندي.
مضمون کا ماخذ : دیگر کلیدی الفاظ