ڪولمبو – 23 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ سريلنڪا اعليٰ سطحي وفدن جي مٽاسٽا، واپار، دفاعي تعاون، سيڙپڪاري، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، ثقافت ۽ سياحت جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وز??را??ظم ميڊيا آفيس پاران جاري پڌرائي موجب وز??را??ظم عمران خان ڪالهه ??ڱاري ڏينهن سريلنڪا جي وز??را??ظم مهندرا راجا پاڪسي سان ٽمپل ٽريز (وز??را??ظم جي آفيس) ۾ وسيع مشاورت ڪئي. ٻنهي وز??را??ظمن جي وچ ۾ نويڪلائي ۾ ملاقات کانپوءِ ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ٻنهي ا??واڻن ڏکڻ ايشيا ۾ امن، استحڪام ۽ معاشي خوشحالي جي گڏيل مقصدن کي ا??تي وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ وسيع البنياد ۽ پائيدار حصيداري کي سگهه ڏيڻ تي ڌيان ڏيڻ جي لاءِ وسيع پئماني تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي ا??واڻن وسيع شعبن ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جي پنهنجي عزم ??ي تصديق ڪئي. انهن واپار ۽ سيڙپڪاري، آءِ ٽي ۽ انساني وسيلن ??ي ترقي، زراعت ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، سيڪيورٽي ۽ دفاعي تعاون ۽ ثقافت ۽ سياحت جي شعبن ۾ گڏيل ڪارائتي تعاون ??ي تمام گهڻن موقعن ۽ وسيع امڪانن جو اعتراف ڪيو، پاڪستان جي ٻڌمت ورثي ۽ مذهبي سياحت جي صلاحيت کي ساراهيندي مهمان نوازي جي صنعت، تربيت ۽ هنرمندي ۾ مهارت جي حصيداري سان گڏيل تعاون کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ٻنهي ڌرين گهڻ رخي شعبي ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي تعاون تي ??طم??نان جو اظهار ڪيو ۽ سمورين سطحن تي اسٽريٽجڪ مواصلات ۽ هم آهنگي کي وڌيڪ وسيع ڪرڻ جو عزم ڪيو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي مٽاسٽا جي رفتار کي برقرار رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو. ٻنهي ڌرين مشاهدو ڪيو ته پاڪستان ۽ سريلنڪا غيرمعمولي ڪوويڊ 19 وبائي بيماري کي منهن ڏيڻ ۾ بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو آهي. عالمي ڏس ۾ ان وبائي مرض جي منفي سماجي ۽ معاشي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ اسرندڙ ملڪن جي لاءِ وز??را??ظم عمران خان جي قرض بابت امداد تي عالمي قدم جي اهميت کي اجاگر ڪيو ويو. وز??را??ظم عمران خان خطي ۾ امن قائم ڪرڻ ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجايو. وز??را??ظم افغانستان ۾ تڪرار جي سياسي حل کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ هر طرف کان تعميري مشغوليت تي پڻ زور ڏنو. جيو اسٽريٽجڪ مان جيو اڪنامڪس طرف پاڪستان جو ڌيان ڇڪرايو ويو. پاڪستان جي معاشي تحفظ جي موقف جي ٽن ٿنڀن امن، ترقي جي حصيداري ۽ رابطي تي زور ڏنو ويو. وز??را??ظم ڳالهه ٻولهه ??ريعي تڪرارن جي حل ۽ ڏکڻ ايشيا ۽ ان کان اڳتي امن، ترقي ۽ خوشحالي جي ويزن کي فروغ ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو. ٻنهي ڌرين سارڪ ميثاق جي اصولن ۽ مقصدن سان وابستگي کي ورجايو ۽ ان جي اهميت تي اتفاق ڪيو. علائقائي تعاون جي لاءِ سارڪ جي عمل کي ا??تي وڌائي رهيا آهيون. وز??را??ظم عمران خان سريلنڪا ۾ سندس ۽ وفد جي شاندار استقبال ۽ مهمان نوازي تي وز??را??ظم مهندرا راجا پاڪسي جا ٿورا مڃيا. وز??را??ظم عمران خان وز??را??ظم مهندرا راجا پاڪسي کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني. ٻنهي ا??واڻن سياحت، سيڙپڪاري، تعليم ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ گڏيل تعاون تي اهم مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحن واري تقريب پڻ شرڪت ڪئي. بعد ۾ ٻنهي ا??واڻن گڏيل طور تي صحافين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان اجلاس کانپوءِ وز??را??ظم عمران خان ۽ سندس وفد جي مان ۾ وز??را??ظم مهندرا راجا پاڪسي جي ميزباني ۾ مانجهاندي جو اهتمام ڪيو ويو.
پاڪستان ۽ سريلنڪا ۾ اعليٰ سطحي وفدن جي مٽاسٽا سميت مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نتائج