اسلام آباد – 13 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ سول ڊرون ٽ??ڪنالاجي جي فروغ، ترقي ۽ ان اهم شعبي کي ريگيوليٽ ڪرڻ جي لاءِ ڊرون اٿارٽي قائم ڪرڻ جي م??ظوري ڏئي ڇڏي، سول ڊرون اٿارٽي وٽ ڊرون ٽ??ڪنالاجي کي ريگيوليٽ ڪرڻ، لائيسنس جاري ڪرڻ، امپورٽ ۽ ملڪ ۾ پيداوار جي اجازت ڏيڻ جا اختيار هوندا، اٿارٽي ڊرونز جي م??نوفيڪچرنگ، آپريشنز، ٽريننگ ۽ ريسرچ اينڊ ڊيولپمينٽ جي حوالي سان ذميواريون سرانجام ڏيندي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب اٿارٽي کي ڏنڊ ۽ سزا، لائيسنسن کي م??توي ڪرڻ ۽ قانوني چاره جوئي جا اختيار پڻ حاصل هوندا. ايوي ايشن ڊويزن جو سيڪريٽري اٿارٽي جو سربراهه هوندو. ٻين ميمبرن ۾ ايئر فورس، سول ايوي ايشن، دفاعي پيداوار، گهرو معاملن ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت جا سينيئر ليول آ??يس?? شامل هوندا. سمورين وفاقي ڌرين بشمول آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان مان به هڪ هڪ نمائندو شامل هوندو. ان کانسواءِ شعبي جا ٽي ماهر پڻ اٿارٽي جو حصو هوندا. اٿارٽي ۾ سمورين ڌرين جي شموليت اٿارٽي جا فرض سرانجام ڏيڻ ۽ ادارن جي وچ ۾ بهترين ڪوآرڊينيشن ۾ مددگار ثابت ٿيندي. وزيراعظم عمران خان اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ڊرون ٽ??ڪنالاجي کي ڪمرشل، ريسرچ اينڊ ڊيولپمينٽ، ايگريڪلچر ۽ ٻين پرامن مقصدن جي لاءِ استعمال ۾ آڻڻ وقت جي اه?? ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته اٿارٽي قائم ڪرڻ سان نه رڳو ان حوالي سان موجود خال کي ڀري سگهبو جيڪو ڊرون جي حوالي سان ڪو قانون نه هجڻ جي ڪري م??جود آهي پر هي اٿارٽي ڊرون ٽ??ڪنالاجي جي فروغ ۽ ان جي م??ڪ ۾ پيداوار ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪندي، ڊرون ٽ??ڪنالاجي جي م??ثر استعمال سان وسيلن جو موثر استعمال ۽ سروس ڊيليوري ۾ بهتري ۾ مدد ملندي.
وزيراعظم ڊرون اٿارٽي قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي
مضمون کا ماخذ : ڈاگ ہاؤس