اسلام آباد – 17 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته تحريڪ انصاف واحد پارٽي آهي جيڪا اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ چاهي ٿي، اليڪٽرا??ڪ ووٽنگ مشينز ۽ اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ بابت ٻه قانون انتهائي اهميت رکندڙ آهن، انهن قانونن جي منظوري وزيراعظم عمران ??ان ??ي ڪمٽمينٽ رهي آهي، ٻنهي ايوانن جي اڪثريت هتي موجود آهي، پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ اڄ اهم بل پاس ٿي ويندا، مخالف ڌر ڪمزور پهلوانن تي ٻڌل آهي، قانونسازي کانپوءِ مخالف ڌر جي اندر وکر?? جو عمل تيز ٿي ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ??حريڪ انصاف جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس کانپوءِ ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ??حريڪ انصاف جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي چونڊيل ميمبرن وزيراعظم عمران ??ان ??ي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، انهن سمورن ميمبرن جا ٿورا مڃان ٿو جيڪي پنهنجون مصروفيتون ??ڏي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. هن چيو ته ٻنهي ايوانن جي ميمبرن جي اڪثريت هتي موجود آهي، پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ اهم بل پاس ٿي ويندا، اليڪٽرا??ڪ ووٽنگ مشينز ۽ اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ بابت ٻه قانون انتهائي اهميت رکندڙ آهن، انهن قاننن جي منظوري وزيراعظم عمران ??ان ??ي ڪمٽمينٽ رهي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته تحريڪ انصاف واحد پارٽي آهي جيڪا اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ چاهي ٿي، پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ وزيراعظم انهن اتحادين، سينيٽرز ۽ قومي اسيمبلي ??يمبرن جا ٿورا مڃيا جيڪي اسان ??يماري ۽ مجبوري جي باوجود آيا. پارلياماني پارٽي وزيراعظم تي پنهنجي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، اهو اعتماد پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ پڻ ظاهر ٿيندو. هن چيو ته مخالف ڌر ڪمزور پهلوانن تي ٻڌل آهي، شڪست جو شڪار ٿي چڪي آهي، اڄ جي قانونسازي کانپوءِ مخالف ڌر جي اندر وکر?? جو عمل تيز ٿي ويندو.
تحريڪ انصاف واحد پارٽي آهي جيڪا اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ چاهي ٿي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز