اسلام آباد – 20 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته مولانا ??ضل الرحمان کي اهو مسئلو آهي ته سندس ايزي لوڊ جو دڪان بند ٿي چڪو آهي، ??ضل الرحمان جو پاڪستاني پارلياماني سياست م ڪو ڪردار ??ه آهي، ??ضل الرحمان، (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي رڳو ڪرپشن وڌائي سگهن ٿيون، ملڪ هلائڻ انهن جي وس جي ڳالهه نه آهي. اهڙن خيالن جو اظهار ??ن مولانا ??ضل الرحمان جي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه تي ردعمل ڏيندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ??ضل الرحمان 3 سالن کان سياسي بيروزگار آهي، پنهنجي روزگار جي لاءِ جمهو??ي حڪومت جي خلاف سازشن ۾ مصروف آهي. هن چيو ته جنهن جو پنهنجو دامن ۽ ماضي داغدار ??جي اهو صادق ۽ امين قرار ڏيندڙ وزيراعظم عمران خان جي خلاف ڪهڙي منهن سان ڳالهه ڪري سگهي ٿو، سڄي دنيا ۾ رڪارڊ مهانگائي ٿي آهي ڪجهه شرپسند عنصر پاڪستان جي مهانگائي جي آڙ ۾ پنهنجي سياسي دڪان چمڪائي رهيا آهن. فرخ حبيب چيو ته موجوده حڪومت ماضي جي قرضن جي قسطن ۽ قرضن تي وياج جي ادائيگي جي لاءِ مجبور ٿي قرض ورتا، مولانا ??ضل الرحمان جيڪڏهن چونڊون کٽي وڃي ته صاف شفاف ۽ جيڪڏهن هارائي وڃي ته ڌانڌلي؟ فرخ حبيب چيو ته مولانا ??ضل الرحمان کي ته صاف شفاف چونڊون ڪرائڻ تي وزيراعظم عمران خان جا ٿورا مڃڻ گهرجن. مملڪتي وزير چيو ته ان ڌانڌلي سٽيل نظام کي ختم ڪرڻ جي لاءِ وزيراعظم عمران خان سياست ۾ آيو آهي. هن چيو ته مولانا صاحب جيڪڏهن توهان ڌانڌلي کان ڇوٽڪارو چاهيو ٿ?? ته اي وي ايم طرف اچو. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف کي 2018ع جي چونڊن ۾ رڪارڊ ووٽ مليا، 2023ع جي اليڪشن ۾ ڪارڪردگي جي بنياد تي ان کان ٻيڻا ووٽ کڻنداسين. فرخ حبيب چيو ته جيڪي هر حڪومت ۾ اقتدار جا مزا وٺندا رهيا، اُهي آر يا پار ??ارا بري طرح خوار ??ي رهيا آهن. هن چيو ته پي ڊي ايم جي نالي تي ذاتي مفادن جي تحفظ جي لاءِ انتشار ??کيڙيندڙ اڳ ۾ به ناڪام ٿيا اڳتي به ناڪام ٿيندا. مملڪتي وزير چيو ته سڀني کي خبر آهي ته عوام ۾ توهان جي پذيرائي ٻُڙي اهي. فرخ حبيب چيو ته مارچ جي ڌمڪي ڏيندڙ اڳ ۾ اهو ٻڌائين ته استعيفائون ڪٿي آهن؟ اهو کوکلو مارچ آهي، جنهن ۾ عوام جي ڪا نمائندگي نه هوندي.
مولانا فضل الرحمان جو ايزي لوڊ جو دڪان بند ٿي چڪو آهي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے نتائج