اسلام آباد – 25 – مارچ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته پا??ست??ن ۾ سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول آهي ۽ س??ڙپڪارن کي مراعتون ڏنيون پيون وڃن، حڪومت بهترين پاليسيون ٺاهي رهي آهي جنهن سان سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿيو، خطي جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ گوادر اهم ڪردار ادا ڪندو، سيني?? سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن برطانوي سيڙپڪارن ڪيري گوف جي ايم ڊي البرٽ بيري ليسي، ٽروليڪس جي ايم ڊي ٿامس البرٽ ليسي ۽ س??دس وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سينيٽرن شبلي فراز ۽ س??ف الله نيازي به موجود هئا. ملاقات ۾ سيڙپڪاري جي شعبي ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ تي غور ڪيو ويو. ملاقات ۾ وفد سينيٽ چيئرمين کي پنهنجي دوري جي مقصدن کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته پا??ست??ن ۾ ماحول سيڙپڪاري لاءِ سازگار، مراعتون ڏنيون پيون وڃن، ڪاروباري ۽ معاشي رابطا عوام کي وڌيڪ ويجهو ??ڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. سينيٽ چيئرمين چيو ته سيڙپڪارن جو اعتماد معيشت جي استحڪام ۾ مددگار ثابت ٿيندو آهي، حڪومت بهترين پاليسيون ٺاهي رهي آهي جنهن سان سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿيو، گوادر هڪ نئين معاشي مرڪز جي حيثيت سان اڀري رهيو آهي، هن چيو ته برطانوي سيڙپڪار گوادر ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻي سگهن ٿا، خطي جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ گوادر اهم ڪردار ادا ڪندو، پا??ست??ن جي برطانيه سان تاريخي لاڳاپا آهن، واپاري وفدن جي مٽاسٽا ۾ تيزي ??ڻڻ سان معاشي سرگرمين ۾ تيزي ايندي. پا??ست??نين جو هڪ وڏو تعداد برطانيه ۾ آباد آهي، برطانيه ۾ رهندڙ پا??ست??ني ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هل پل جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.
پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول آهي: سينيٽ چيئرمين
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نمبر