بيجنگ – 30 – مارچ (اي پي پي) چين ۾ منعقد افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي ٽئين اجلاس جي موقعي تي پرڏي??ي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سان اربع تي هوانگ شان جي چيني اسٽيٽ ڪائونسلر ۽ پرڏي??ي وزير وانگ يي ملاقات ڪئي. پرڏي??ي وزير چين جي رياستي ڪائونسل ۽ پرڏي??ي وزير وانگ يي سان چين جي شهر هوانگ شان جي تونسي ڊسٽرڪٽ ۾ ٻطرفي ملاقات ڪئي. پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود ۽ چين ۾ مقرر پاڪستاني سفير معين الهق به ساڻس گڏ هو، ??رڏي??ي وزير موجب چيني پرڏي??ي وزير وانگ يي افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي ٽئين اجلاس ۾ شرڪت ۽ چين اچڻ تي پرڏي??ي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جو ٿوروا دا ڪيو، ??نهي پرڏي??ي وزيرن ان کان اڳ 21 مارچ 2022ع تي اسلام آباد ۾ او آءِ سي پرڏي??ي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي هئي، ٻنهي پرڏي??ي وزيرن ٻطرفي اسٽريٽجڪ، اقتصادي ۽ سيڪيورٽي تعاون تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ٻنهي پرڏي??ي وزيرن جي وچ ۾ عالمي وبا، افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي به گفتگو ٿي. پرڏي??ي وير پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ۾ چين جي مرڪزي حيثيت جو حوالو ڏيندي ”پاڪ چين آل ويدر اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽوپارٽنرشپ“ کي وڌيڪ گهرو ۽ مضبوط بڻائن جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پرڏي??ي وزير پاڪستان جي پاران چين جي ”ون چائنه“ پاليسي ۽ چين جي بنيادي مفادن جي حهمايت جو ورجاءُ ڪيو. پرڏي??ي وزير پاڪستان جي خودمختياري علائقائي سالميت، سياسي استحڪام ۽ سماجي ۽ اقتصادي ??رق?? لاءِ مسلسل حمايت تي چين جو ٿوروا دا ڪيو، گذريل مهيني وزيراعظم جي چين جي دوري ۽ اسٽيٽ ڪائونسل وانگ يي جي اسلام آباد جي دوري جو تذڪرو ڪندي پرڏي??ي وزير پاڪ چين لاڳاپن جي واڌاري جي رفتار کي خوش آئنده قرار ڏنو، ??نهي پرڏي??ي وزيرن اتفاق ڪيو ته سي پيڪ فيز II جي اعليٰ معيار، صنعتي ??رق??، زرعي شعبي ۾ جدت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جهڙن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون، گهن رخي حصيداري جو مظهر آهي، پرڏي??ي وزير افغانستان بابت لاڳاپيلا جلاس جي ميزباني تي چين جو ٿورو ادا ڪيو. پرڏي??ي وزير ملڪ ۾ امن، استحڪام ۽ ??رق?? کي فروغ ڏيڻ ۽ سي پيڪ جي افغانستان تائين توسيع جي ذريعي علائقائي رابطن کي آسان بڻائڻ لاءِ پاڪستان، چين سان گڏوگڏ افغانستان جي ٻين پاڙيسري ملڪن جي وچ ۾ گهرا رابطن جي تسلسل تي زور ڏنو.
پاڪستان جي پرڏيهي وزير سان هوانگ شان جي چين جي اسٽيٽ ڪائونسلر ۽ پرڏيهي وزير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : jogos de loteria Nordeste