اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته غريب ۽ پيڙهيل طبقي کي وڏو ريليف ڏين جو فيصلو ڪيو آهي، ضرورت جي 5 بنيادي شين کي ايندڙ مالي سال جي لا??ِ گهٽ اگهن تي فراهم ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪي?? ويو آهي، ڄاڻايل سبسڊي ي??ٽي??ٽي اسٽورز جي ذريعي پوري ملڪ ۾ غريب ۽ پيڙهيل طبقي کي فراهم ڪئي ويندي. اهو فيصلو وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ي??ٽي??ٽي اسٽورز جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ڪي?? ويو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن مفتاح اسماعيل، مخدوم مرتضيٰ محمود ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪي?? ويو ته اٽي، کنڊ، گيهه/ کاڄرو تيل، دالين ۽ چانور جي بازار کان گهٽ اگهه تي فراهمي يقيني بڻائي ويندي. وزيراعظم ڪراچي ۾ ي??ٽي??ٽي اسٽورز جي نيٽ ورڪ ۾ توسيع جي پڻ منظوري ڏني. هن چيو ته ڪراچي ۾ يوِٽيلٽي اسٽورز جو گهٽ انگ ڪنهن به صورت ۾ منظور نه آهي. هن هدايت ڪئي ته ڪراچي ۾ ي??ٽي??ٽي اسٽورز جي انگ ۾ اضافي جو ٺوس منصوبو ٻن هفتن ۾ پيش ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته پٺتي پيل طبقي کي هن وقت ريليف جي سڀ کان وڌيڪ ضرورت آهي، پيڙهيل طبقي جي ريليف جي لا??ِ حڪومت هر قيمت خرچ ڪرڻ جي لا??ِ تيار آهي، پيڙهيل طبقي کي ضرورت جي شين تي ريليف حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظ?? سبسڊي جو نظام شفاف ۽ ڊيجيٽل بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته مختلف قسم جي سبسڊيون گڏ ڪري هڪ ٺوس نظام بڻايو وڃي ۽ خصوصي طور تي پيڙهيل طبقي کي ريليف جي فراهمي ۾ ترجيح ڏني وڃي. وزيراعظ?? سبسڊي جي نظام ۾ سڌارن جي لا??ِ ناڻي، وفاقي وزير، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير ۽ عربت جي خاتمي واري وفاقي وزير کي تعاون سان حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس کي ي??ٽي??ٽي اسٽورز تي ڏني ويندڙ سبسڊي، پيڙهيل طبقي کي ٽارگيٽيڊ سبسڊي، ي??ٽي??ٽي اسٽورز جي سڄي ملڪ ۾ انگ ۾ واڌ ۽ خيبرپختونخواهه ۾ وزيراعظم جي ويزن تحت سستي اٽي جي فراهمي جي پروگرام تي اڳڀرائي کان تفصيلي طور تي آگاهه ڪي?? ويو. اجلاس کي ٻڌاي?? ويو ته ي??ٽي??ٽي اسٽورز ڪارپوريشن ملڪ ۾ هن وقت 3822 اسٽورز کي سڌوسنئون ۽ 1380 فرنچائيز هلائي رهيو آهي جڏهن ته 30 جولاءِ تائين بل??چس??ان، سنڌ، ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ پنجاب م 300 کان وڌيڪ نوان اسٽورز ٺاهيا ويندا. اجلاس کي ٻڌاي?? ويو ته وزيراعظم شهباز شريف جي ريليف پئڪيج تحت هيستائين 11 ڪروڙ 30 لک مستحق ماڻهو فائدو کڻي چڪا آهن جن کي في ڪلواٽي تي 60 رپيا، کنڊ تي 21 رپيا، گيهه تي 250 رپيا جڏهن ته دالين ۽ چانور تي 15 – 20 رپيا ٽارگيٽيڊ سبسڊي ڏني وئي آهي، سبسڊي جو طريقيڪار ڊجيٽل آهي جڏهن ته نادرا ۽ غربت جي خاتمي واري وزارت جي ڊيٽا سان واڳيل آهي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌاي?? ويو ته خيبرپختونخواهه صوبي ۾ 942 ي??ٽي??ٽي اسٽورز تي سستي اٽي جي فراهمي يقيني بڻائي پئي وڃي جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف جي خصوصي هدايت تي 1000 نوان سيل پوائنٽس ۽ 200 موبائيل اسٽورز جو اضافو ڪيو پيو وڃي. اجلاس کي بل??چس??ان جي حوالي سان ٻڌاي?? ويو ته وزيراعظم شهباز شريف جي رمضان م دوري ۽ خصوصي هدايتن تحت بل??چس??ان ۾ ضرورت جي شين جي بازار کان رعايت تي فراهمي کي يقيني بڻايو پيو وڃي جنهن جي لا??ِ نه رڳو ي??ٽي??ٽي اسٽورز پر موبائيل اسٽورز پڻ قائم ڪيا ويا اهن جن جي ڪري ڏورانهن علائقن تائين سبسڊي جي فراهمي يقيني بڻائي پئي وڃي. وزيراعظم خيبرپختونخواهه صوبي ۽ بل??چس??ان ۾ ي??ٽي??ٽي اسٽورز جي قدمن کي ساراهيو ۽ ڊيجيٽل نظام تحت ٽارگيٽيڊ سبسڊي جي فراهمي کي ساراهيو.
غريب ۽ پيڙهيل طبقي کي وڏو ريليف ڏين جو فيصلو ڪيو آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : سٹاربرسٹ