اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان پاڪس??ان ۾ گڏيل قومن جي ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر جولين هارنيس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ گڏيل قومن جي پائيدار ترقياتي تعاون جي فريم ورڪ، ٻوڏ کان ڇوٽڪاري، خوراڪ جي حفاظت ۽ ماحولياتي نظام ج?? بحالي سميت گڏيل قومن جي پاڪس??ان سان ڪم ۽ تعاون جي مختلف شعبن تي ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم گڏيل قومن جي چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن جي لاءِ پاڪس??ان جي پڪي عزم کي ورجائيندي چيو ته امن قائم ڪرڻ، انساني همدردي جي س??گر??ين، موسمياتي تبديلين ۽ پائيدار ترقي جي لاءِ عالمي تعاون جي شعبن ۾ پاڪس??ان گڏيل قومن جي ڪمن ۾ فعال ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. وزيراعظم گڏيل قومن جي ايجنڊا 2030ع ۽ پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪس??ان جي اڳڀرائي جي حمايت ۾ گڏيل قومن پاران ادا ڪيل اهم ڪردار کي ساراهيو. وزيراعظم سڄي پاڪس??ان ۾ تازي ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهي تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته متاثر علائقن ۾ ماڻهن کي انساني بنيادن تي ريليف جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. گڏيل قومن جي ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر وزيراعظم کي گڏيل قومن جي پاڪس??ان ۾ پائيدار ترقي، انساني امداد، ماحولياتي تحفظ، خوراڪ جي حفاظت ۽ موسمياتي تبديلي جي شعبن ۾ جاري س??گر??ين کان آگاهه ڪيو. هن ڪورونا وائرس جي وبا سان لچڪدار بحالي ۽ پائيدار ترقي جي لاءِ پاڪس??ان جي جاري ڪوششن ۾ گڏيل قومن پاران مسلسل حمايت کي ورجايو. جولين هارنيس جنوري 2020ع کان پاڪس??ان ۾ گڏيل قومن جي ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر طور پنهنجا فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي، گڏيل قومن جي ڪنٽري ٽيم ج??هن ۾ گڏيل قومن جون سموريون ايجنسيون، فنڊز، پروگرام شامل آهن، جي سربراهي ڪري رهيو آهي ۽ پاڪس??ان جي ترقياتي ترجيحن ۽ منصوبن سان گڏيل قومن جي ملڪ ۾ قدمن جي هم آهنگي يقيني بڻائي رهيو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف سان پاڪستان ۾ گڏيل قومن جي ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر جولين هارنيس جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : جادوئی اسپن