اسلام آب??د – 09 مارچ (ا?? پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪس??ان خطي ۾ امن امان قائم ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا آهن ۽ وزيراعظم عمران خان امن امان قائم ڪرڻ ۽ گڏيل مسئلن جي حل لاءِ ڀارت کي چيو هو ته جيڪڏهن ڀارت هڪ قدم اڳتي وڌائيندو ته اسان ٻه قدم اڳتي وڌائينداسين جڏهن ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي چونڊن ۾ ڪاميابي جي لاءِ جنگ جو ماحول پيدا ڪرڻ چاهي ٿو. هن چيو ته پاڪس??ان جنگ نه ٿو چاهي پر جيڪڏهن ڪنهن به قسم جي جارحيت ڪئي وئي ته ان جو موثر جواب ڏنو ويندو. روسي ميڊيا کي انٽرويو ۾ پاڪس??ان ۾ دهشتگردن جي ڪئمپ جي تباهي جي حوالي سان ڪيل هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته هر ڪنهن جو پنهنجو موقف هوندو آهي ۽ اسان جو به پنهنجو موقف آهي.
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز کی جیت